Mola Ali Shair e Khuda

Book Name:Mola Ali Shair e Khuda

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته اسان جي پياري آقا ، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن حضرت سَيّدُنا علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جو ڪهڙو شان بيان فرمايو آهي. ايترن انعامات ۽ اڪرامات کان علاوه به الله عَزَّوَجَلَّ جن پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي بي شمار خوبيون عطا فرمايون آهن، حضرت سَيّدُنا عبدُاللہ بن مَسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: بي شڪ قرآن مجيد ست (7) حروف (لغتن) تي لٿو آهي ۽ ان مان هر حرف جو ظاهر به آهي ۽ باطن به ۽ حضرت سَيّدُنا علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم اهڙا عالم آهن جن وٽ ظاهر ۽ باطن ٻنهي جو علم آهي.

(تاريخ ِمدينہ دمشق لابن عساکر، ج۴۲،ص ۴۰۰)

    اهڙي طرح اميرُ المُؤمِنِين، امامُ العادِلين حضرتِ سيدُنا عُمَرفاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمائن ٿا: حضرت عليُّ المُرتَضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم کي ٽي (3) اهڙيون فضيلتون حاصل آهن جو جيڪڏهن انهن مان هڪ (1) به مون کي نصيب ٿي وڃي ها ته منهنجي ويجھو ڳاڙهن اُٺن کان به محبوب هجي ها. صَحابه ڪرام جن پڇيو: اُهي ٽي (3) فضيلتون ڪهڙيون آهن؟ فرمايائون: (1) الله عَزَّوَجَلَّ جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي نياڻي حضرتِ فاطمة الزَّہراء رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي سندن نڪاح ۾ ڏنو (2) انهن جي رهائش رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ مسجِدُ النَّبوي الشَّريف ۾ هئي ۽ انهن جي لاءِ اهو ڪجھ حلال هو جيڪو انهن جو ئي حصو آهي. ۽ (3) غزوه خيبر جي جنگ ۾ سندن اسلام جو جهنڊو عطا فرمايو ويو. (مُستَدرَڪ ج۴ ص۹۴ حديث۴۶۸۹) سيدُنا فاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو ته اسان ۾ سڀ کان وڏا قاضي حضرتِ علي