Book Name:Mola Ali Shair e Khuda
(رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) ۽ حضرت اُبي بن ڪعب (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) اسان ۾ سڀ کان وڏا قاري هئا.
(المسند للامام احمد بن حنبل ،ج۸ ،ص۶،ح۲۱۱۴۳،ڪراماتِ شيرِخدا،ص:۲۲)
بیاں کس منہ سے ہو اس مَجْمَع البحرین کا رتبہ
جو مرکز ہے شریعت کا طریقت کا ہے سر چشمہ
(ديوانِ سالڪ، ص۳۰، از رسائلِ نعيميہ)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرتِ سيدُنا مولٰي مُشڪل ڪُشا، عليُ المُرتَضٰي، شيرِخدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي شان جي ڇا ڳالھ ڪجي جو اميرُالمُؤمِنِين، حضرتِ سيدُنا عُمَر فاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ به سندن خصوصيات تي رشڪ فرمائن ٿا، هتي هڪ مسئلو بيان ڪرڻ ضروري آهي جو فضائل ۽ مراتب جي اعتبار سان مَسلڪِ حق اَہلسنَّت وجماعت جي ويجھو خُلفاءِ راشدين ۾ جيڪا ترتيب آهي جنهن کي بيان ڪندي صدرُ الشَّريعہ، بدرُالطَّريقہ حضرتِ علّامہ مولانا مُفتي محمد امجد علي اَعظمي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی فرمائن ٿا: سڀ صحابهء ڪرام اعليٰ ۽ ادنيٰ (۽ انهن ۾ ادنيٰ ڪو ناهي) سڀ جنتي آهن، انبياء ۽ مُرسلين کان پوءِ، تمام مخلوقاتِ الٰهي اِنس و جنّ و مَلَڪ (يعني انسانن، جنّن ۽ فرشتن) کان افضل صدّيقِ اڪبر آهن، پوءِ فاروقِ اعظم، پوءِ عثمانِ غني، پوءِ موليٰ علي رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم ، افضل جي هي معنيٰ آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو وڌيڪ عزت ۽ منزلت وارو هجي.
(مُلَخَّص ازبہارِ شريعت ج۱ص۲۴۱ تا۲۵۴) ڪراماتِ شيرِ خدا،ص:۲۲)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقينا تمام ئي خُلفاءِ راشدين پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا محبوب ۽ نورِ نظر آهن ۽ سڀني جا فضائل پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم