Book Name:Mola Ali Shair e Khuda
محبوب هوندي آهي پر جيڪي سچا عاشقِ رسول هوندا آهن اهي محبوب جي نالي تي جان ڏيڻ کان به گريز نه ڪندا آهن ۽ پنهنجي ذات تي پنهنجي حبيب کي مقدّم ڄاڻيندا آهن اڄ اسين به عشقِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دعويٰ ڪندا آهيون پر ياد رکو! عشقِ رسول جي علامت اطاعتِ رسول به آهي. صحابهء ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوَان ۾ محبت جي هي علامت ڪامل طور تي موجود هئي، اهي حضرات هر هر معاملي ۾ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي کي لازم ڄاڻيندا هئا. ايستائين جو سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جنهن ڪم کي ڪيو ۽ ان کي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، هي نُفوسِ قدسيه عشق ۽ محبت ۾ ان ڪم کي سعادت سمجھندي بجا آڻيندا هئا. جڏهن ته هڪ طرف اسين آهيون جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري سُنتن کي ڇڏي ڪري مغربي تهذيب جا شوقين آهيون حالانڪه سُنت ۾ حڪمت ۽ اسان جي لاءِ باعثِ رحمت آهي. هن پرفتن دور ۾ طرح طرح جون سنتون سکڻ ۽ عمل جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ڪنهن نعمت کان گھٽ ناهي. توهان به ان مدني ماحول سان وابسته ٿي ڪري عاشقانِ رسول سان گڏ مَدَني قافلن ۾ سفر جي برڪت سان خوب خوب سنتون سکي ڪري عمل جو جذبو حاصل ڪري سگھو ٿا.
لُوٹنے رَحمتیں قافلے میں چلو
سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو
ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو
ختم ہوں شامتیں قافِلے میں چلو