Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

عملن جو وزن ڪرڻ کان پهريان پنهنجي عملن جو وزن ڪري وٺو ۽ ان ڏينهن جي وڏي پيشي جي تياري ڪري وٺو جنهن ڏينهن توهان سڀئي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ان حال ۾ پيش ڪيا ويندؤ جو توهان مان ڪنهن جي ڪابه لڪيل حالت لڪي ڪانه سگھندي۔

(مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الزہد، کلام عمر بن الخطاب رضی اللّٰہ عنہ،8/149، الحدیث: 18)

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جو خوف رکڻ وارا اهڙا هوندا هئا۔ جو اهي پنهنجي عملن جو محاسبو ڪندا هئا ۽ بروزِ قيامت حساب ڏيڻ جو خوف انهن کي گناھ کان روڪي رکندو هو. پر هاءِ افسوس! اسان جي حالت اهڙي نه آهي اسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿيڻ کي وساري ويٺا آهيون. اسان نفسِ اَمَّاره جي اشارن تي هلندا رهون ٿا ۽ جڏهن به ضمير ملامت ڪري ٿو ته طرح طرح جا حيلا بهانا پيش ڪري ان کي سمهاري ڇڏيون ٿا، پر ان جي باوجود اسان کي خبر آهي ته اسان ڪهڙيون ڪهڙيون حق تلفيون ڪيون آهن، ڪن جو حق ڦٻايو آهي، ڪٿان ڪٿان حرام رزق ڪمايو آهي، ڪهڙا فرض ڇڏيا آهن، ڪٿي ڪٿي گناهن جو ارتڪاب ڪيو آهي؟ انهن سڀني جي باري ۾ اسان کي گھڻو ڪجھ معلوم به آهي ۽ گھڻو ڪجھ وساري به ويٺا آهيون پر اسان جي ربِّ ڪريم جي علم ۾ ۽ اسان جي اعمال نامي جي دفتر ۾ درج آهي ۽ انهن سڀني ڳالهين جو اسان کي حساب ڏيڻو آهي۔

اي عاشقانِ رسول! اسان دعويٰ ته ڪيون ٿا ته هڪ ڏينهن مرڻو آهي ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جواب به ڏيڻو آهي پر اسان جي عملن مان هن ڳالھ جو اظهار نٿو ٿئي غور ته ڪريو * جيڪڏهن بارگاھ ِالٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي ڪا نماز قضا ٿئي ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا فرض روزا رکڻ ۾ سُستي ٿئي ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان زڪوٰة ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪيون ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان ٻين جون غيبتون