Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ٽهڪ ڏئي گناھ ڪرڻ!

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان الله وارا اهڙا ٿيندا آهن جو جيئن ئي شيطان جي وار کان باخبر ٿيندا هئا ته الله پاڪ جي پڪڙ جي خوف کان يڪدم ان ڪم کان پاسو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر آهي ته الله پاڪ جو واضح فرمان آهي: انسان جي لاءِ اهو ئي هوندو جنهن جي ان ڪوشش ڪئي۔ ۽ ان جي ڪوشش عنقريب ڏٺي ويندي۔ پوءِ ان کي ان جو ڀرپور بدلو ڏنو ويندو۔[1]

اچو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي نقشِ قدم تي هلندي اسان به پاڻ کي نيڪين جي ڪم ۾ لڳايون ۽ پنهنجي اندر خوفِ خدا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون، الله پاڪ اميراهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه کي سلامت رکي جو جن پنهنجي مريدن، طالبن، محبن ۽ سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي نيڪ عملن جي اهڙي پياري سوغات عطا فرمائي آهي جو جيڪڏهن اسان واقعي اِخلاص ۽ ثابت قدمي سان پنهنجي زندگي ان نيڪ عملن تي عمل ڪندي گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ته الله پاڪ جي رحمت مان اُميد آهي ته اِنْ شَاءَ الله  نيڪ عملن تي عمل جي برڪت سان ٻنهي جھانن ۾ خيروبرڪت نصيب ٿيندي۔ اِنهي نيڪ اعمال ۾ نيڪ عمل نمبر 20 آهي: ڇا اڄ توهان دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ پنهنجي نگران جي ڏنل شيڊول مطابق گھٽ مان گھٽ 2 ڪلاڪ ڏنا؟۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم ”مسجد درس“

پيارا اسلامي ڀائرو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان روزانو جو هڪ ديني ڪم ”مسجد درس“ به آهي۔ * ”مسجددرس“ سان مسجدون آباد ٿين ٿيون۔ * ”مسجد درس“ سان انفرادي ڪوشش ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي۔ * ”مسجد درس“ سان نمازين جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو آهي۔ * ”مسجد درس“ جي برڪت سان ڀلائي جون ڳالهيون سکڻ سيکارڻ جو موقعو ملندو آهي۔ اچو! ترغيب طور مسجد درس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا،


 

 



[1]  ترجمہ کنزالعرفان،پارہ27،سورہ النجم، آیت 39تا 41