Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ئي بڻائيندو آهي جيڪو سڄو ڏينهن سوچيندو آهي۔ جيئن امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ڪپڙي جو واپاري، واڍو (ڪاٺ جو ڪم ڪرڻ وارو اCarpenter)، رازو (تعميرات جو ڪم ڪرڻ وارو) ۽  ڪپڙو ٺاهڻ وارو جڏهن ڪنهن آباد گھر ۾ ويندا آهن جنهن ۾ قالين وڇايل هجي، گھر سجيل سنواريل هجي ۽ اهي اتي به غور و فڪر ۾ ٻڏي ويندا آهن،  ته عام طور انهن جي سوچ اها هوندي جو ڪپڙي وارو قالين (Carpet) ڏسي ان جي قيمت ۾ غور ڪري رهيو هوندو۔ ڪپڙو ٺاهڻ وارو ڪپڙي جي بناوٽ ۾ غور ڪري رهيو هوندو، واڍو ڇت بنائڻ جي طريقي تي غور ڪري رهيو هوندو ۽ رازو  ان جي ديوارن کي ڏسي ان جي مضبوط ۽ سڌو هئڻ بابت سوچي رهيو هوندو۔

اهڙي طرح اهو شخص جيڪو راھِ آخرت جي سفر کي ياد رکندو آهي، اهو انسان جيڪو فڪرِ آخرت ۾ لڳل رهندو آهي ان جو به اهو حال ٿي ويندو آهي ته جڏهن اهو ڪا شيء ڏسندو آهي ته الله پاڪ ان ۾ ان جي لاءِ عبرت جي راھ کولي ڇڏيندو آهي۔ سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو جيڪڏهن ڪاراڻ کي ڏسندو آهي ته ان کي قبر جي اونداهي ياد ايندي آهي ، سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو جيڪڏهن نانگ کي ڏسندو آهي ته ان کي جهنم جا نانگ ياد ايندا آهن، سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو جيڪڏهن خوفناڪ صورت کي ڏسندو آهي ته منڪر نڪير ۽ زَبانِيه يعني ملائڪن جي اها جماعت جيڪا نافرمانن کي جهنم ڏانهن ڌڪڻ تي مقرر آهي اُنهن کي ياد ڪندو آهي، سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو جيڪڏهن ڪو خوفناڪ آواز ٻڌندو آهي ته ان کي صُور ڦوڪجڻ ياد اچي ويندو آهي، سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو جيڪڏهن ڪنهن سٺي ۽ خوبصورت شيء کي ڏسندو آهي ته جنت جي نعمتن کي ياد ڪندو آهي، سفرِ آخرت کي ياد رکڻ وارو جيڪڏهن ڪٿان کان انڪار يا قبوليت جي ڪا ڳالھ ٻڌندو آهي ته اُخروي معاملي ۾ حساب ڪتاب کان پوءِ پنهنجي مقبول يا مَردُود ٿيڻ کي ياد ڪندو آهي.[1]


 

 



[1] احیاء العلوم، ۱/۴۳۸ بتغیرٍومخلصاً