Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

بغض و عناد نڪري ويو

   پنجاب، پاڪستان جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان گناهن ۾ مبتلا هو، هڪ ڏينهن پاڙي جي مسجد ۾  درس (درسِ فيضانِ سُنّت) ٿي رهيو هو، ان جي خوش قسمتي جو اهو درس ۾ شريڪ ٿي ويو۔ ان کان پوءِ ان اسلامي ڀاءُ سان لڙائي جھيڙي واري انداز ۾ بحث مباحثو شروع ڪيو پر اهو اسلامي ڀاءُ وڏي پياري انداز سان دعوتِ اسلامي جي ماحول جون برڪتون ٻڌائڻ سان گڏوگڏ سُنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جو ذهن به ڏيندو رهيو، الله ڪريم جي فضل و ڪرم سان اهو هفتيوار سُنتن ڀري اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويو، سُنتن ڀري اجتماع ۾ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان پوءِ ذِڪرُ الله ۽ آخر ۾ رقت انگيز دعا ته ان جي دل جي دنيا ئي بدلي ڇڏي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه! ان سچي دل سان توبه ڪئي ۽ سُنّتن ڀري زندگي گذارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ماحول سان وابسته ٿي ويو۔

ہے تجھ سے دعا ربِ اکبر! مقبول ہو فیضانِ سُنت

مسجد مسجد گھر گھر پڑھ کر،اسلامی بھائی سناتارہے[1]

اچو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿيڻ وقت خوف پيدا ڪرڻ لاءِ ڪجھ علاج ٻڌون ٿا ته ڪيئن اسان پنهنجي دل ۾ هن ڳالھ کي پختو ڪري سگھون ٿا ته اسان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو آهي۔

خوف خدا جي ڪمي جا سبب ۽ علاج

پيارا اسلامي ڀائرو! مشاهدو آهي ته جيڪو شخص جنهن شيء ۾ رغبت رکندو آهي، هميشه انهيء جي باري ۾ سوچندو آهي ۽ان جي باري ۾ غور ۽ ويچار ڪندو رهندو آهي۔ جديد سائنسي تحقيق به اها ئي ٻڌائي ٿي ته انسان اهو


 

 



[1]    وسائلِ بخشش (مُرمَّم)،ص475