Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

خوف کي ماڻڻ جي لاءِ خود احتسابي، نيڪن جي صحبت ۽ قرآن وحديث ۾ موجود خوفِ خدا جون فضيلتون پيشِ نظر رکيون وڃن ته جيڪو ربّ جي بارگاھ ۾ ان جي خوف سبب بيهڻ کان ڊنو ته ان جي لاءِ ٻن جنّتن جي بشارت آهي، دنيا ۾ خوفِ خدا رکڻ واري جي لاءِ ڪالھ بروزِ قيامت امن جي بشارت (خوشخبري) آهي، خوفِ خدا سبب نڪرندڙ لڙڪ جسم جي جنهن حصي تي ڪرندا ان تي جهنم جي باھ حرام ٿيڻ جي نويد (خوشخبري) ٻڌائي وئي آهي۔ خوفِ خدا کان ڊڄڻ واري جا گناھ وڻ جي پنن جيان ڇڻي ويندا آهن۔ بزرگانِ دِين جي خوفِ خدا تي مشتمل واقعن جو مطالعو ڪيو وڃي۔ ان جي لاءِ مڪتبة المدينه جا ڪتاب خوفِ خدا ، توبہ کی روایات وحکایات،، احیاء العلوم ‘‘ (Volume-3) وغيره جو مطالعو تمام مفيد آهي۔

اسلامڪ اي بُڪ لائبريري (ISLAMIC EBOOK LIBRARY)

        پيارا اسلامي ڀائرو! آخرت جي ڏينهن جي حساب و ڪتاب جي خوف کي ماڻڻ جو هڪ ذريعو دِيني ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ به آهي، خاص ڪري اهي ڪتاب جن ۾ آخرت جي معاملات بابت تفصيل بيان ڪيو ويو هجي۔

          اَلْحَمْدُلله دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ (I.T Department) جي ڪوشش سان (Islamic E Book Library) جي نالي سان هڪ ايپلي ڪيشن متعارف ڪرائي وئي آهي۔ مَڪتَبَةُ الْـمَدِينَه جا شايع ڪيل تقريباً تمام ئي ڪتاب ۽ رسالا (تقريباً 38 زبانن ۾) هن ايپلي ڪيشن جو حصو آهن۔ ان کان علاوه هفتيوار اجتماع ۾ ٿيڻ وارا تحريري بيان به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل آهن۔ مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي مدني مشورن جا مدني گل ۽ مدني مذاڪرن جا سوال و جواب به هن ايپلي ڪيشن ۾ شامل ڪيا ويندا آهن۔

          پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته دنيا ۾ انسان جيڪو ڪجھ ڪندو آهي ڪالھ بروزِ قيامت ان کي ان جو اعمال نامو ڏنو ويندو جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھ