Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

اي عاشقانِ رسول! خوفِ خدا مان ڇا مراد آهي؟ خوفِ خدا مان مراد اهو آهي ته الله پاڪ جي خُفيه تدبير، ان جي بي نيازي، ان جي ناراضي، ان جي پڪڙ، ان جي طرفان ڏنل عذابن، ان جي غضب ۽ ان جي نتيجي ۾ ايمان جي بربادي وغيره کان خوف زده رهڻ جو نالو خوفِ خدا آهي۔ (باطنی بیماریوں کی معلومات، ص 246) ياد رهي اهو ئي خوف نجات ڏيندو جيڪو الله پاڪ جي نافرماني کان روڪي ۽ ان جي عبادت ۽ فرمانبرداري تي اڀاري۔

صديقِ اڪبر جو خوفِ خدا

اي عاشقانِ صحابه! اچو ٻڌون ٿا ته پهرئين خليفي، حضرتِ صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو خوفِ خدا ڪيئن هو.

 حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڏينهن قيامت، ميزان، جنت ۽ دوزخ، ملائڪن جو صفون ٻڌڻ، آسمانن جي ويڙهجڻ، جبلن جو اڏامڻ، سج جي ٽٽڻ ۽ تارن جي وکرجڻ جي باري ۾ غوروفڪر ڪرڻ لڳا۔ پوءِ فرمايائون: منهنجي لاءِ اهو بهتر ۽ پسنديده هو ته مان هن ساوڪ مان ڪا ساوڪ هجان ها۔ چوپايو مال مون ڏانهن اچي مون کي کائي وڃي ها ۽ مان پيدا نه ڪيو وڃان ها۔ تڏهن اها آيت سڳوري نازل ٿي وَ لِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ جَنَّتٰنِۚ(۴۶) [1]

خوفِ خدا مان ڇا مراد آهي ؟

اي عاشقانِ رسول! جنهن خوفِ خدا رکڻ واري جي لاءِ ٻه جنتون آهن ان جي باري ۾ تفسيرن ۾ آهي ته خوف خدا مان مراد اهو آهي ته جيڪو گناھ کان ڊڄي ۽ الله جي اطاعت ۾ پنهنجو پاڻ کي لڳائي ڇڏي ۽ ان جي نافرماني ڪرڻ ڇڏي ڏئي۔ خوف خدا مان مراد اهو آهي ته انسان الله پاڪ جي غضب کان ڊڄي۔ خوفِ خدا مان مراد اهو آهي ته جيڪو گناھ جو ارادو ڪري ٿو پر ان کي پنهنجي رب جي سامهون بيهڻ ياد اچي ويو ته اهو گناھ کان رڪي ويو ۽ پوءِ الله پاڪ جو ذڪر ڪري ٿو ۽ گناھ کي ڇڏي ڏئي ٿو۔


 

 



[1] تفسیر درمنثور مترجم،ج6، ص344