Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

هيڏانهن هوڏانهن لوڏڻ يا افسوس سان هٿ لوڏڻ يا وريڪجھ لڙڪ وهائڻ ئي ڪافي ناهي، بلڪ ان سان گڏوگڏ خوفِ خدا جي عملي تقاضائن کي پورو ڪندي گناهن جو ترڪ ڪرڻ ۽ اطاعتِ الٰهي ۾ مشغول ٿي وڃڻ به اُخروي نجات جي لاءِ بيحد ضروري آهي۔ ان جو هڪ بهترين ذريعو امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جا عطا ڪيل نيڪ عمل به آهن، ان تي عمل ڪرڻ سان اِنْ شَاءَ اللّٰه دل ۾ خوف خدا پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو مدني ذهن بڻجندو۔ روزانو پنهنجي اعمال جو جائزو وٺندي نيڪ اعمال جو رسالو هر مهيني جي ابتدائي ڏھ ڏينهن جي اندر اندر پنهنجي ذميدار کي جمع ڪرائڻ جو معمول به بڻائي وٺو، اِنْ شَاءَ اللّٰه ان جي برڪت سان دين و دنيا جون بيشمار ڀلائيون هٿ اينديون۔

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵، حدیث :۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ بنے آقا             جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

 مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! مهمان نوازي جون سُنتون ۽ آداب ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان (3) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه ڪريو۔ (1) جيڪو شخص (قدرت باوُجُود) مهمان نوازي نٿو ڪري ان ۾ ڀلائي ناهي۔ (مسند امام احمد، مسند الشامیین6/142،حدیث:17424) (2) اهو انسان گهٽ عقل وارو آهي ته پنهنجي مهمان کان خدمت وٺي۔ (جامع صغیر،ص288،،حدیث :4686) (3)سنّت هي آهي ته انسان مهمان