Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ڪعبة الله شريف ڀرسان عبادت ۾ مصروف هئا۔ اوچتو انهن جي نظر هڪ شخص تي پئي جيڪو ڪعبي جي ديوار سان چنبڙي زاروقطار روئي رهيو آهي ۽ ان جي چپن تي هيءَ دعا جاري آهي، اي الله! جيڪڏهن منهنجا عمل تنهنجي بارگاھ جي لائق نه آهن ته قيامت جي ڏينهن مون کي انڌو اٿارجانء۔

 ماڻهن اها عجيب وغريب دعا ٻڌي ته ڏاڍا حيران ٿيا، انهن دعا گھرندڙ کان پڇا ڪئي: اي شيخ! اسان ته قيامت جي ڏينهن عافيت جا طلب گار آهيون ۽ توهان انڌو اٿاريو وڃڻ جي دعا ڪري رهيا آهيو، ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ان شخص روئيندي جواب ڏنو، منهنجو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن منهنجا عمل الله پاڪ جي بارگاھ جي لائق ناهن ته مان قيامت ۾ ان ڪري انڌو ٿيڻ پسند ڪيان ٿو ته مون کي ماڻهن جي سامهون شرمسار نه ٿيڻو پوي۔ اهي سڀئي هن عارفاڻي جواب کي ٻڌي بيحد متاثر ٿيا، پر پنهنجي مخاطب کي سڃاڻندا نه هئا، ان ڪري پڇيائون، اي شيخ! توهان ڪير آهيو؟ پاڻ جواب ڏنائون، مان عبدالقادر جيلاني آهيان۔ (خوفِ خدا ،ص 120 (فیضان سنت بحوالہ گلستان ِ سعدی،ص733))

تِرے خوف سے تِرے ڈر سے ہمیشہ           میں تھرتھر رہوں کانپتا یاالٰہی!

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ           گناہوں سے ہر دَم بچا یاالٰہی!

عبادت میں گزرے مِری زندگانی           کرم ہو کرم یاخُدا یاالٰہی! [1]

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

عملن جو  تورجڻ حق آهي

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اسان جي غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي  الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جو ڪيترو خوف هو جو ڪعبي جي ديوار سان چنبڙي زارو قطار روئي رهيا هئا ۽ عاجزي ڪندي بروزِ قيامت ماڻهن جي سامهون شرمساري کان ڊڄندي انڌو ٿيڻ جي دعا به گھري رهيا هئا۔ اي ڪاش اسان کي به


 

 



[1]    وسائل بخشش(مُرمَّم)، ص، 105۔ملتقطاً