Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

قدر شرمندگي ۽ بزدلي کي منهن ڏيڻو پوندو؟ ۽ ڪيتري قدر تنگ دلي ۽ مجبوري اسان جي سامهون هوندي؟ افسوس! خبر ناهي ڪهڙي قدم سان پنهنجي رب جي اڳيان بيهنداسين، ڪهڙي زبان سان جواب ڏينداسين؟ ۽ پنهنجي ڪرتوتن کي ڪهڙي دل سان سمجھنداسين؟ پوءِ ٿورو اهو ته سوچيو! اسان جي شرم وحيا جو ڇا عالَم هوندو جڏهن اها ذات بلاواسطه اسان کي اسان جا گناھ ياد ڏياريندي فرمائيندي: اي منهنجا ٻانها! ڇا توکي مون سان حياءُ نه آيو جو منهنجي سامهون برائين سان گڏ حاضر ٿئين، تو منهنجي ٻانهن جي سامهون ته حياءُ ڪيو ۽ انهن جي اڳيان ته سٺو بڻيل رهين پر مان هر وقت توکي ڏسي رهيو هيس منهنجو حياءُ ڪونه ڪيو، ڇا تنهنجي ويجهو مان پنهنجي تمام ٻانهن کان وڌيڪ هلڪو هيس؟ منهنجي نگاھ کي تو پاڻ تي هلڪو سمجھيو ۽ ڪا پرواھ ڪونه ڪئي جڏهن ته منهنجي غير جي نظر کي گھڻو عظيم سمجھيو، ڇا مون توتي انعام نه ڪيو هو؟ توکي ڪهڙي شيء مون کان ڌوڪي ۾ رکيو هو؟ ڇا تون اهو سمجھي ويٺو هئين ته مان توکي نه پيو ڏسان ۽ نه ئي توکي مون سان ملڻو آهي؟

ياد رکو! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جيڪي سوال جواب ٿيندا اهي آمهون سامهون ٿيندا ان ۾ ڪنهن شيء جو پردو نه هوندو جيئن الله جي آخري نبي، محمد عربي صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: توهان مان هر هڪ کان الله پاڪ هن طرح سوال ڪندو جو وچ ۾ نه ڪو پردو هوندو نه وري ڪوئي ترجمان۔[1]

بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف ماڻڻ جو ذريعو

اي عاشقان رسول! گناهن جي ڪثرت، دنيا جي طلب ۽ علم دِين کان دوري، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جو خوف نه هئڻ جا اهم ترين سبب آهن، جن جي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿيڻ جو خوف دل مان نڪري ويندو آهي ۽ انسان گناهن جي دلدل ۾ ڦاسي ويندو آهي۔ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جي


 

 



[1] بخاری ، حدیث:1413