Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

لکيل هوندو جيڪو ان ڪيو ۽ انهن عملن جي مطابق اهو سزا ۽ جزا جو حقدار ٿيندو۔ اسان اهو به ٻڌو ته اسان جا بزرگ سڳورا عملن جي پيش ٿيڻ جو انتهائي خوف رکندا هئا ۽ پاڻ کي گناهن کان گھڻو پري رکندا هئا۔ اڄ اسان کي به پنهنجي اندر خوفِ خدا پيدا ڪرڻ جي حاجت آهي، خوفِ خدا اهو ناهي ته زبان سان چئي ڇڏيو ته مان الله پاڪ کان ڊڄان ٿو ۽ عمل وَري به اهي گناهن وارا هجن. عالم سڳورن خوفِ خدا جون نشانيون بيان ڪيون آهن، جيئن حضرت فقيهه ابوالليث سمر قنديرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ارشاد فرمائن ٿا ته الله پاڪ جي خوف جون اٺ نشانيون عضوئن ۾ ظاهر ٿينديون آهن: (۱) انسان جي زبان ۾: اهو هن طرح جو الله پاڪ جو خوف ان جي زبان کي ڪوڙ، غيبت، فضول گفتگو کان روڪيندو ۽ ان کي ذڪرالله، تلاوتِ قرآن ۽ علمي گفتگو ۾ مشغول رکندو۔ (۲) ان جي پيٽ ۾: اهو هن طرح جو هُو پنهنجي پيٽ ۾ حرام کي داخل نه ڪندو ۽ حلال شيء به ضرورت مطابق کائيندو۔ (۳) ان جي اک ۾: اهو هن طرح جو اهو اکين کي حرام ڏسڻ کان بچائيندو ۽ دنيا ڏانهن رغبت سان نه بلڪ عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ نهاريندو۔ (۴) ان جي هٿ ۾: اهو هن طرح جو هو ڪڏهن به پنهنجي هٿ کي حرام ڏانهن نه وڌائيندو بلڪه هميشه اطاعتِ الٰهي ۾ استعمال ڪندو. (۵) ان جي قدمن ۾: اهو هن طرح جو هو انهن کي الله پاڪ جي نافرماني ۾ نه کڻندو بلڪ ان جي حڪم جي اطاعت جي لاءِ قدم کڻندو۔ (۶) ان جي دل ۾: اهو هن طرح جو هو پنهنجي دل مان بغض، ڪينو ۽ مسلمان ڀائرن کان حسد ڪرڻ کي پري ڪندو ۽ ان ۾ خيرخواهي ۽ مسلمانن کان نرمي جو سلوڪ ڪرڻ جو جذبو بيدار ڪندو (۷) ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ۾: اهو هن طرح جو هو فقط الله پاڪ جي رضا جي لاءِ عبادت ڪري ۽ رياء ونفاق کان ڊڄندو رهي۔ (۸) ان جي ٻڌڻ ۾: هن طرح جو هو جائز ڳالھ کان علاوه ڪجھ نه ٻڌي۔

(درة الناصحین ،المجلس الثلاثون....الخ ،ص109)

          اي عاشقانِ رسول! خبر پئي ته قبر وحشر ۽ حساب و ميزان وغيره جا حالات ٻڌي يا پڙھي رڳو ڪجھ آهون ڀرڻ يا پنهنجي مٿي کي ڪجھ ڀيرا