Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ياد رکو! جيڪڏهن سڄي دنيا الله پاڪ جي عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏئي ته ان کي ڪو فرق نه پوندو ڇوته ان جو شان ته هونئن ئي بلند و اعليٰ آهي، اسان ان جي عبادت ڪري ان جي مقام کي ڇا بلند ڪنداسين بلڪه اسان کي حاجت آهي ته اسان ان جي عبادت ڪري ان جي رحمت مان حِصو ماڻيون، اسان محتاج آهيون اسان کي خدا پيدا ڪيو آهي اهو زندگي، موت ۽ سزا و جزا جو مالڪ آهي، اهو جنهن کي چاهي معاف ڪري جنهن کي چاهي جهنّم ۾ وجھي ڇڏي، هو عَدل ئي ڪري ٿو اسان الله پاڪ کان ان جي رحمت جو سوال ڪيون ٿا:

عدل کریں تے تھر تھر کَنبن اُچیاں شاناں والے    فضل کریں تے بخشے جاون میں جئے منہ کالے

  شعر جي وضاحت: يعني جيڪڏهن الله پاڪ عَدل فرمائي ته وڏا وڏا پرهيزگار ڏڪڻ لڳن ۽ الله پاڪ فَضل فرمائي ته اسان جهڙا سياھ ڪار ۽ گناهگار به ان جي رحمت سان جنت ۾ حِصو ماڻي وٺن۔

چهري جو گوشت ڇڻي ويو

حضرت منصور مغربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چون ٿا ته مون حضرت عَبدُالله بَزَّار رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي خواب ۾ ڏسي پڇا ڪئي:الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ۾ فرمايائون: الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاھ ۾ بيهاريو، مان جنهن گناھ جو اقرار ڪندو ويس اهو معاف ٿيندو رهيو پر شرم جي سبب هڪ گناھ جو اقرار ڪونه ڪري سگھيس ۽ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اهڙي شرمساري ٿي جو مان پگھر ۾ شل ٿي ويس ۽ منهنجي چهري جو گوشت ڇڻي ويو۔ (احیاء العلوم ،ج 5 ، ص 654)

تُو بس رہنا سدا راضی، نہیں ہے تابِ ناراضی تُو ناخوش جس سے ہو برباد ہے تیری قسم مولیٰ

الٰہی پُلْ صراط اِک پَل کے اندر پارکرجاؤں  تو کر ایسی عنایت از پئے شاہِ حرم مولیٰ

عطا کر عافیت تو نَزْع و قَبْر وحَشْر میں   یارب  وسیلہ فاطِمہ زَہرا کا کر لطف و کرم مولیٰ[1]

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]  وسائل بخشش،مرمم،ص98