Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

دِلا    غافل  نہ  ہو   یکدم، یہ  دُنیا  چھوڑ   جانا ہے     بغیچے   چھوڑ  کر   خالی، زمین   اندر   سمانا   ہے

تُو   اپنی   موت  کو  مت   بُھول، کر سامان چلنے کا      زمیں کی خاک پر سونا ہے، اِینٹوں کا سِرہانا ہے

جہاں کے شَغْل میں شاغل، خدا کے ذکر سے غافل      کرے  دعویٰ  کہ  یہ دنیا، مِرا  دائم ٹھکانا ہے

غلام   اِک   دَم  نہ  کر غفلت، حیاتی  پر نہ ہو غُرَّہ      خداکی یاد کر  ہر دم، کہ جس نے  کام آنا ہے

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

روزِ محشر سوال

امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه قيامت جي ڏينهن رب جي بارگاھ ۾ پيشي جي منظر ڪشي بيان ڪندي لکن ٿا: اي مؤمن ياد ڪر! تنهنجي گناهن جي بدلي ڪالھ بروزِ قيامت اهو ئي خوف ڪافي آهي ته توکي تنهنجي پيشاني مان پڪڙي گِھيليو ويندو ان وقت تنهنجي دل بي چين هوندي، عقل ختم ٿي ويندو، ڪلها ڪنبي رهيا هوندا، عضوا ڏڪي رهيا هوندا، رنگ بدلجي ويندو، خوف جي شدت جي ڪري سڄو جهان اونداهي ۾ ٻڏل لڳندو۔ هائو! پنهنجو فڪر ڪريو! جو انهيءَ حالت ۾ ماڻهن جا گردن اورانگھي، صفن کي چيري اڳتي وڌي رهيا هوندا ۽ اسان کي پويان رهجي ويندڙ گھوڙن جيان ڇڪيو پئي ويندو، تمام مخلوق نگاهون کڻي ڏسندي، هاڻي خيال ڪريو ته ملائڪن جي هٿن ۾ آهيون ۽ انهيء حالت ۾ اسان کي رحمٰن جي عرش تائين کڻي اڇلايو ويندو، هاڻي الله پاڪ پنهنجي عظيم ڪلام ۾ هن طرح ندا فرمائيندو: اي ابن آدم! منهنجي ويجھو ٿي وڃ، هاڻي پريشان و غمگين ۽ ٽٽل ۽ ڌڙڪندڙ دل سان ذليل ۽ شرمسار ويجھو ٿيندا آهن، اسان کي اسان جو اعمال نامو ڏنو ويندو  جنهن ۾ هر ننڍو وڏو گناھ لکيل آهي، ڪيترا ئي گناھ اهڙا هوندا جن کي اسان وساري ڇڏيو هوندو پر اسان جو اعمال نامو اسان کي ياد ڏياريندو ۽ ڪيتريون ئي نيڪيون اهڙيون هونديون جن جي آفتن کان اسان بي خبر هئاسين هاڻي انهن جون برائيون اسان جي سامهون هونديون، هاڻي ڪيتري