Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

قضا نه ڪري وٺي۔[1] هن مان اندازو لڳايو ته جڏهن هڪ نماز کي ڄاڻي واڻي ڇڏڻ تي هزارين سالن تائين جهنم ۾ رهڻو پوندو ته جيڪو شخص سڄي ڏينهن جون تمام نمازون ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏئي ٿو بلڪ بلڪل ئي نماز نٿو پڙهي ته هو ڪيتري قدر سخت عذاب جو شڪار ٿيندو۔

میں پانچوں نمازیں پڑھوں با جماعت             ہو توفیق ایسی عطا یااِلٰہی[2]

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله جي بارگاھ ۾ پيشي جو خوف

 حضرت حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته هڪ فاحشه(يعني طوائف) عورت جي خوبصورتي بابت مشهور هو ته دنيا جي حُسن جو ٽيون حصو ان وٽ آهي۔ اها پاڻ کي ڪنهن جي حوالي ڪرڻ جي اُجرت سو 100 دينار وٺندي هئي۔ هڪ ڀيري هڪ عابد جي نگاھ ان تي پئجي وئي ۽ اهو ان جو قُرب ماڻڻ جي لاءِ بي چين ٿي 100 دينار گڏ ڪرڻ ۾ لڳي ويو۔ جڏهن گهربل رقم پوري ٿي وئي ته اهو بدڪار عورت وٽ آيو ۽ چيائين ته: تنهنجي حُسن مون کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي، مان توکي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هٿ جي محنت سان اهي 100دينار گڏ ڪيا آهن۔ ان  چيو: اهي منهنجي وڪيل کي ڏئي ڇڏيو، ته جيئن اهو اصلي نقلي هجڻ جي جانچ ڪري۔ جڏهن وڪيل دينار جي اصلي هئڻ جي تسلي ڪري ورتي ته ان عابد کي اندر وڃڻ جي اجازت ڏني۔ جڏهن اهو گناھ جي لاءِ فاحشه جي ويجھو ويٺو، ته ان کي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿيڻ ياد اچي ويو، ياد خوف ۾ تبديل ٿي، جسم ڏڪڻ لڳو، شهوت ويندي رهي۔ ان طوائف کي چيو:  مون کي ڇڏي ڏي، مان واپس وڃڻ چاهيان ٿو، ۽ اهي 100 دينار به تون ئي رکي ڇڏ۔ عورت چيو: اهو ڇا؟ مان توکي پسند آيس، تو ايتري محنت سان اهي دينار گڏ ڪيا ۽ هاڻي جڏهن ته تنهنجي خواهش پوري ٿيڻ ۾


 

 



[1] فتاوی رضویہ ،9/158،ملخصاً

[2]    وسائل بخشش،مرمم،ص102