Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

نماز قضا ڪرڻ جو احساس ٿيندو آهي ۽ نه ئي ربِ ڪريم جي نافرماني جي پرواھ رهندي آهي۔ افسوس جهڙي ڳالھ آهي جو اسان جو ربّ اسان کي ڏينهن رات کوڙ ساريون نعمتون بنا گھرڻ جي عطا فرمائي رهيو آهي، پر اسان کي سڄي ڏينهن ۾ صرف پنج وقت ان جي بارگاھ ۾ سجدو ڪرڻ جي توفيق نصيب ناهي ٿيندي۔ افسوس! جو اسان بيمارين، پريشانين ۽ تڪليفن کان بچڻ جي لاءِ ماڻهن جا ٻڌايل ورد وظيفا ته يڪدم شُروع ڪندا آهيون پر آخرت جي نعمتن کي ماڻڻ جي لاءِ ۽ الله پاڪ جي عذاب کان بچڻ جي لاءِ جنهن رَبّ غفّار قرآنِ ڪريم ۾ نماز جو حڪم ۽ ان جي فضيلت بيان فرمائي، ان تي عمل نٿا ڪيون، اسان مان هر هڪ غور ڪري ته مان نماز جهڙي افضل عبادت جو ڪيتري قدر اهتمام ڪيان ٿو۔ الله پاڪ جي درٻار ۾ حاضري جي لاءِ سڏڻ واري مؤذن جي دعوت تي مان ڪيترا ڀيرا ”لبيڪ“ چئي مسجد ۾ حاضر ٿيان ٿو؟

محبوب  کا منادی آواز دے رہا ہے                                  آجائے مجھ سے ملنے جو صاحبِ وفاہو

وہ دل جو پالے ذکرِ محبوب کی حلاوت                                دنیا کی لذتوں سے سیری پھر اس کو کیا ہو[1]

  صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! هر عاقِل و بالِغ مرد و عورت مُسلمان تي روزانو پنج وقت جي نماز فَرض آهي، جيڪو نماز کي فَرض نه مڃي اهو دينِ اسلام کان خارج آهي توڙي جو ان جو نالو ۽ ان جا ٻيا ڪم مسلمانن وارا ئي ڇو نه هجن.  ۽ جيڪو نماز کي فَرض ته مڃي پر هڪ نماز به ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏئي ته اهو سخت فاسِق و گُنَهگار ۽ جهنم جي عذاب جو حق دار آهي۔ اعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسنّت مولانا امام اَحمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جنهن ڄاڻي واڻي هڪ وقت جي نماز ڇڏي هزارين سال جهنَّم ۾ رهڻ جو حقدار ٿيو، ۽ اهو مستحق تيستائين رهندو جيستائين هُو پنهنجي هن گناھ کان توبه ۽ نماز جي


 

 



[1]  بزمِ اولیاء،ص294