Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ڪا رڪاوٽ باقي ناهي رهي، ته واپس وڃڻ چاهين پيو؟ عابد چيو: مان پنهنجي ربّ جي سامهون بيهڻ کان ڊڄي رهيو آهيان، ان ڪري منهنجو سمورو عيش ختم ٿي ويو آهي۔

 طوائف اها ڳالھ ٻڌي ڏاڍي متاثر ٿي، پوءِ ان چيو: جيڪڏهن واقعي اها ڳالھ آهي ته منهنجو مڙس توکان سواءِ ٻيو ٿي ئي نٿو سگھي۔ عابد چيو: مون کي ڇڏي ڏي، مان هتان کان وڃڻ چاهيان ٿو۔ عورت چيو: مان توکي صرف هن شرط تي وڃڻ ڏينديس ته تون مون سان شادي ڪندين۔ عابد چيو: جيستائين مان هتان کان نڪري نه وڃان، اهو ممڪن ناهي۔ عورت چيو: ٺيڪ آهي! پر جيڪڏهن مان بعد ۾ تو وٽ اچان ته ڇا تون مون سان شادي ڪندين؟ عابد چيو: ٺيڪ آهي۔ پوءِ اهو عابد منهن لڪائي پنهنجي شهر ڏانهن هليو ويو۔ ان عورت به توبه ڪئي ۽ ان عابد جي شهر ۾ پهچي وئي، جڏهن اها پتو پڇا ڪندي اچي ان عابد جي سامهون پهتي ته ان کي ڏسي عابد هڪ زور دار رڙ ڪئي ۽ خوف خدا جي سبب ان جو روح جسم مان پرواز ڪري ويو۔ عورت ماڻهن کان پڇا ڪئي: ان جو ڪو قريبي رشتيدار آهي ؟ ٻڌايو ويو: ان جو هڪ ڀاءُ آهي جيڪو نهايت غريب آهي۔ عورت ان جي ڀاءُ وٽ پهچي ان کي چيو: مان تنهنجي ڀاءُ جي محبت جي بناء تي توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي۔ عابد جي ڀاءُ ان عورت سان شادي ڪئي، الله پاڪ ان توبه ڪرڻ واري عورت کي ست پٽ ڏنا ۽ سڀ جا سڀئي نيڪ ۽ پرهيزگار بڻيا۔[1]

مرے اشک بہتے رہیں کاش ہردم         ترے خوف سے یا خدا یا الٰہی

ترے خوف سے تیرے ڈر سے ہمیشہ       میں تھر تھر رہوں کانپتا یا الٰہی[2]

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1] کتاب التوابین ، ، ص74،خوف خدا ، ص102۔

[2]  وسائل بخشش،مرمم،ص105