Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

نماز جي وقت دل جي ڌڙڪن جو  آواز پري تائين ٻڌو  ويندو هو

    پيارا اسلامي ڀائرو! بزرگ سڳورا آخرت ۾ بارگاھ الٰهي ۾ پيشي سبب ته خوف زده رهندا ئي هئا پر دنيا ۾ به جڏهن نماز جي لاءِ تيار ٿيندا هئا ته اهو به هڪ طرح سان پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ بيهڻ آهي ته ان وقت به الله پاڪ جي انهن نيڪ ٻانهن جي چهرن جو رنگ پيلو ٿي ويندو هو جيئن روايتن ۾اچي ٿو ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلام جڏهن نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ الٰهي وچان سندن دل جي ڌڙڪن هڪ مِيل پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي هئي۔ (لباب الاحیاء،ص318) اهڙي طرح امام زين العابدين علي بن حسين رَضِی اللّٰه عَنْهمَا جڏهن وضو ڪندا هئا ته چهري جو رنگ پيلو ٿي ويندو هو، پڇا ڪرڻ تي ٻڌائيندا هئا ڇا توهان کي خبر آهي ته مان ڪنهن جي سامهون بيهڻ جو ارادو ڪري رهيو آهيان۔ (احیاء العلوم مترجم،1/472)

 اي عاشقانِ رسول! ٿورو غور ڪريو! ان پاڪيزه شخصيتن جي نمازن جو عالم ڇا هو جو پاڻ کي پنهنجي رب جي بارگاھ ۾ حاضر تصور ڪندا هئا ۽ ائين ڇو نه ڪن ها جو رحمت عالميان، سرورِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: توهان الله پاڪ جي عبادت اهڙي طرح ڪيو جو ڄڻ ان کي ڏسي رهيا آهيو ۽ جيڪڏهن اهو نه ٿي سگھي، ته اهو ضَرور يقين رکو ته هو توهان کي ڏسي رهيو آهي۔[1] اهو ئي سبب آهي جو اسان جا بزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم به جڏهن نماز جي لاءِ بيهندا هئا ته خوفِ خدا جي سبب انهن جي دل جي ڌڙڪن تيز ۽ چهري جو رنگ تبديل ٿي ويندو هو۔

           اي عاشقانِ رسول وعاشقانِ صحابه! بزرگانِ دين جي سيرت مان اسان کي نماز جو اهتمام ڪرڻ جو درس ملندو آهي، ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته اسان به نمازن جو خوب اهتمام ڪيون ها پر افسوس! اسان فضول ڳالهين ۽ ڪڏهن ڪڏهن نه ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مصروف ٿي نمازون قضا ڪري ڇڏيندا آهيون۔ نه


 

 



[1] بخاری،ص31،حدیث:50