Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ڪريون ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان ڪوڙ کان آلوده ٿئي ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا هٿ حرام ڏانهن وڌن ها ۽ اسان جون اکيون حرام ڏانهن کڄن ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ ِالٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جا پير حرام ڏانهن کڄن ها؟ ۽ اسان جا ڪن حرام ٻڌڻ ۾ مصروف ٿين ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان جي زبان حرام سان ڀرجي ها؟ ۽ حرام ڪمائي اسان جي گھر ۾ داخل ٿئي ها؟ * جيڪڏهن بارگاھ الٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا اسان ٻين جا حق پامال ڪريون ها؟ مطلب ته! *جيڪڏهن بارگاھ ِالٰهي ۾ پيشي جو خوف اسان جي دل ۾ هجي ها ته ڇا گناهن ۾ اسان جي دل لڳي ها يا اسان نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجون ها؟ يقيناً جيڪڏهن اسان غور ڪريون ته خوفِ خدا اسان جي دلين مان گھٽ ٿيندو پيو وڃي، تڏهن ته طرح طرح جي معاشرتي بيمارين ۾ اسان جو معاشرو وڪوڙجندو پيو وڃي ۽ طرح طرح جي آفتن ۾ اسان گرفتار آهيون۔ قرآنِ ڪريم اسان کي غفلت مان جاڳائيندي فرمائي رهيو آهي:

یٰۤاَیُّهَا  الَّذِیْنَ  اٰمَنُوا  اتَّقُوا  اللّٰهَ  حَقَّ  تُقٰتِهٖ  وَ  لَا  تَمُوْتُنَّ  اِلَّا  وَ  اَنْتُمْ  مُّسْلِمُوْنَ(۱۰۲)  (پ۴،آل عمران:۱۰۲)

ترجَمو ڪنز الايمان: اي اِيمان وارؤ! الله کان ڊِڄو جيئن اُن کان ڊِڄڻ جو حق آھي ۽ اوھان مُسلمان ٿِي ئِي مَرو

اي عاشقان ِرسول !اسان کي خوفِ خدا اپنائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي۔ خوفِ خدا اسان کي گناھ ڪرڻ کان باز رکندو۔ ۽ خوفِ خدا اسان کي آخرت جي عذاب کان امن ڏياريندو جيئن ته حديثِ قدسي ۾ اِرشاد آهي: مون کي پنهنجي عزت ۽ جلال جو قسم! مان پنهنجي ٻانهي ۾ ٻه خوف گڏ نه ڪندس، جيڪڏهن اهو دنيا ۾ مون کان ڊڄندو رهيو ته مان بروزِ قيامت ان کي امن ۾ رکندس۔

 (شعب الایمان ، باب فی الخوف من اللہ تَعَالٰی ، الحدیث۷۷۷ ، ج1، ص483ملتقطاً)