Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

ان ڏينهن حساب ان ڪري نه ٿيندو ته انسان کي خبر پئجي وڃي ته ان ڇا ڇا ڪيو آهي بلڪه اعمال نامو ان ڪري هٿ ۾ ڏنو ويندو ته جيئن ان کي خبر پئي ته مون سان انصاف ٿيو آهي:

قرآن ِڪريم جي سوره قِيامَت جي آيت نمبر 10 کان 14 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

یَقُوْلُ الْاِنْسَانُ یَوْمَىٕذٍ اَیْنَ الْمَفَرُّۚ(۱۰) كَلَّا لَا وَزَرَؕ(۱۱) اِلٰى رَبِّكَ یَوْمَىٕذِ ﹰالْمُسْتَقَرُّؕ(۱۲) یُنَبَّؤُا الْاِنْسَانُ یَوْمَىٕذٍۭ بِمَا قَدَّمَ وَ اَخَّرَؕ(۱۳) بَلِ الْاِنْسَانُ عَلٰى نَفْسِهٖ بَصِیْرَةٌۙ(۱۴)

ترجموڪنزالايمان: ان ڏينهن انسان چوندو ڪاڏي ڀڄي وڃان هرگز نه ڪابه پناھ ڪانهي. ان ڏينهن تنهنجي ربّ جي ئي طرف وڃي بيهڻ آهي. ان ڏينهن انسان کي سندس اڳيون پويون سمورو ٻڌايو ويندو. بلڪ انسان پاڻ پنهنجي حال تي پوري نظر رکي ٿو.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته الله پاڪ جي بارگاھ جو معاملو ڪيتري قدر سخت آهي جو انسان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ بيهڻ کان گھٻرائيندو ڇوته ان جي هٿ ۾ ان جو اعمال نامو هوندو جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھ لکيل هوندو جيڪو ان دنيا ۾ ڪيو هوندو اهي گناھ به لکيل هوندا جيڪي ڏينهن جي روشني ۾ ڪيا هوندا ۽ اهي به جيڪي رات جي اونداهي ۾ ڪيا هوندا، وڏو گناھ به هوندو ۽ ننڍي کان ننڍو گناھ به لکيل هوندو ايستائين جو اهي گناھ به جيڪي دل ۾ لڪائي رکيا دنيا ۾ ڪنهن جي سامهون ظاهر نه ڪيا جيئن ڪينو، بغض، حسد وغيره انهن جو به حساب ڏيڻو پوندو۔

اي عاشقانِ رسول! دنيا  عمل جي جڳھ آهي، انهيء ۾ پنهنجو محاسبو ڪرڻ گھرجي، ان کان پهريان جو آخرت ۾ الله پاڪ جي غضب جا شڪا ر ٿي وڃون جيئن

حضرت عمر بن خطاب رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيرو پنهنجي خطبي ۾ ارشاد فرمايو: اي انسانو! توهان حساب ورتو وڃڻ کان پهريان پنهنجو محاسبو ڪري وٺو ۽