Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي جو خوف نصيب ٿي وڃي ۽ اسان به گناهن کان پاڻ کي بچائڻ وارا بڻجي وڃون۔ ياد رکو! قيامت جي ڏينهن هڪ ساهمي(ترازو) آڻي رکي ويندي جنهن جا ٻه پڙ ۽ هڪ ڏنڊي هوندي، جنهن کي ميزان چوندا آهن۔ ان تي ايمان آڻڻ ۽ ان کي حق سمجھڻ ضروري آهي۔ اسان سڀني کي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ انهيء ساهمي تي عملن کي توريو ويندو، جنهن جي نيڪين وارو پڙ وزني هوندو اهو ئي ڪامياب ٿيندو ۽ جنت جو حق دار بڻجندو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً قيامت جو ڏينهن سخت هولناڪ آهي ۽ ان ڏينهن جڏهن باھ جيان ٽهڪندڙ زمين تي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ٿي حساب ڏيڻو پوندو ته ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ اچو! قرآنِ ڪريم هن هولناڪ ڏينهن جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي اها ٻڌون ٿا:

یَوْمَىٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِیَةٌ(۱۸)  (پاره29، الحاقّه،آيت18)

ترجموڪنزالايمان: ان ڏينهن توهان سمورا پيش ٿيندا جو توهان مان ڪا لڪي ويندڙ جان لڪي نه سگهندي.

ان کان پوءِ جن کي اعمال نامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو ان جي حالت به قرآنِ ڪريم ۾ بيان ڪئي وئي آهي

وَ اَمَّا مَنْ اُوْتِیَ كِتٰبَهٗ بِشِمَالِهٖ ﳔ فَیَقُوْلُ یٰلَیْتَنِیْ لَمْ اُوْتَ كِتٰبِیَهْۚ(۲۵) وَ لَمْ اَدْرِ مَا حِسَابِیَهْۚ(۲۶) یٰلَیْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِیَةَۚ(۲۷) مَاۤ اَغْنٰى عَنِّیْ مَالِیَهْۚ(۲۸) هَلَكَ عَنِّیْ سُلْطٰنِیَهْۚ(۲۹) خُذُوْهُ فَغُلُّوْهُۙ(۳۰) ثُمَّ الْجَحِیْمَ صَلُّوْهُۙ(۳۱)  (پاره29،سورۂ الحاقّه،آيت 25 تا31)     

ترجموڪنزالايمان: ۽ اهو جنهن کي سندس عمل نامو کاٻي هٿ ۾ ڏنو ويندو چوندو هاءِ جيڪر مون کي پنهنجو لکيو نه ڏنو وڃي ها ~  ۽ نه مان ڄاڻان ها ته منهنجو حساب ڇا آهي ~ هاءِ جيڪر موت ئي معاملو پورو ڪري ڇڏي ها ~  منهنجي ڪنهن ڪم نه آيو منهنجو مال  ~  منهنجي سموري طاقت تباهه ٿي وئي  ~  هن کي پڪڙيو پوءِ ان کي ڳٽ وجھو ~ پوءِ ان کي ڄڀي هڻندڙ  باهه ۾ دٻي ڇڏيو ~