Book Name:Bargahe Ilahi Mein Paishi Ka Khouf

کي دروازي تائين ڇڏڻ وڃي۔ (ابن ماجه،کتاب الاطعمة، باب الضیافة،ص545، حدیث:3358) * مهمان کي گھرجي ته پنهنجي ميزبان جي مصروفيتن جو لحاظ رکي۔ * صَدرُالشّريعه حضرت مفتي محمد امجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللهِ عَلَيه فرمائن ٿا: مهمان لاءِ چار ڳالهيون ضَروري آهن: (۱) جتي ويهاريو وڃي اتي ويهي۔ (۲) جيڪو ڪجھ ان جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ان تي خوش ٿئي، (ائين نه ٿئي جو چوڻ لڳي: ان کان سٺو ته مان پنهنجي ئي گھر کائيندو آهيان  يا اهڙي قسم جا ٻيا لفظ)۔(۳) ميزبان کان اجازت وٺڻ بغير اتان نه اٿي ۽ (۴) جڏهن اتان کان وڃي ته ان جي لاءِ دُعا ڪري۔ (فتاوی ھندیة، کتاب الکراهیة، باب ثانی عشر ....الخ، 5/344) * گھر يا کاڌي وغيره جي مُعامَلن ۾ ڪنهن قسم جي تنقيد نه ڪري، نه ئي ڪوڙي ساراھ۔ ميزبان به مهمان کي ڪوڙ جي خطري ۾ وجھندڙ سُوال نه ڪري مثال طور چوڻ اسان جو کاڌو ڪيئن هو؟ اوهان کي پسند آيو يا نه؟ اهڙن موقعن تي جيڪڏهن نه پسند هئڻ جي باوُجُود مِهمان مُرَوَّت ۾ کاڌي جي ڪوڙي تعريف ڪندو ته گنهگار ٿيندو۔ هن طرح جو سُوال به نه ڪري ته اوهان پيٽ ڀري کاڌو يا نه؟ ڇوته اتي به جواب ۾ ڪوڙ جو انديشو آهي ڇوته گهٽ کائڻ جي عادت يا پرهيزي يا ڪنهن به مجبوري تحت گھٽ کائڻ جي باوُجُود اصرار ۽ تڪرار کان بچڻ جي لاءِ مِهمان کي چوڻو پئجي وڃي ته مون گھڻو کاڌو آهي۔ * ميزبان کي گھرجي ته مهمان کي وقت بوقت چوي ته اڃان کائو پر ان تي اِصرار نه ڪري۔ (فتاوی ھندیة، کتاب الکراهیة، باب ثانی عشر ....الخ، 5/344) * ميزبان کي بلڪل خاموش نه رهڻ گھرجي ۽ اهو به نه ڪرڻ گھرجي ته کاڌو رکي غائب ٿي وڃي بلڪه اتي حاضر رهي۔ (فتاوی ھندیة، کتاب الکراهیة، باب ثانی عشر ....الخ، 5/344)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل  ٻه ڪتاب بهار شريعت حصو 16 (312 صفحه) ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں