Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت واجب آهي ۽ جنهن کان منع فرمائن ان کان پري رهو۔[1]

اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ جي عطا سان رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو اختيار به حاصل آهي ته جنهن شيء کي چاهين فرض، واجب يا ناجائز و حرام ڪري ڇڏين ۽ ڪنهن عام حڪم مان جنهن کي چاهين مستثنيٰ (جدا) ڪري ڇڏين۔ رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصيتن مان اها هڪ عظيمُ الشّان خصوصيت آهي جنهن کي وڏن وڏن عالمن، فقهين، مُفسّرن، مُحدّثن ۽ مجتهدن بيان ڪيو آهي۔ امامِ اهلسنّت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: آئمهءِ مُحَقِّقِين تصريح (يعني واضح طور تي) فرمائن ٿا ته احڪامِ شريعت حضور سيدِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حوالي آهن، جيڪا ڳالھ چاهين واجب ڪن، جيڪو چاهين ناجائز ڪري ڇڏين، جنهن شيء يا جنهن شخص کي جنهن حڪم وغيره سان چاهين مُستَثنٰي(يعني جدا) ڪن۔

الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ان خصوصي اختيار (Special Authority) بابت دليل قرآن ۽ حديث مان مُلاحَظَه فرمايو:

حلال يا حرام ڪرڻ جو اختيار 

قرآنِ ڪريم جي ڪيئي آيتن ۽ ڪثير حديثن مان ثابت آهي ته رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنهن شيء کي چاهين حلال يا حرام، فرض يا واجب فرمائن۔

الله ڪريم پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ٻه صفتون هي بيان ڪيون آهن:

وَ یُحِلُّ لَهُمُ الطَّیِّبٰتِ وَ یُحَرِّمُ عَلَیْهِمُ الْخَبٰٓىٕثَ (پاره 9،سورهٔ اعراف، آيت 157)

ترجموڪنزالايمان: ۽ سُٺيون پاڪ شيون انهن جي واسطي حلال فرمائيندو ۽ پليت شيون انهن تي حرام ڪندو.


 

 



[1]   تفسیر صراط الجنان، ج۱۰،ص۵۵۔