Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

ڇڏيائون، ته ان تي سرڪارِ نامدار، دوعالم جي مالِڪ ومختار، شهنشاھ اَبرار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: فَاَعِنِّیْ عَلٰی نَفْسِکَ بِکَثْرَۃِ السُّجُوْد يعني پنهنجي نفس تي ڪثرتِ سُجُود (يعني وڌيڪ نفلن) سان منهنجي مدد ڪر۔[1]

دوجہاں میں کوئی تم سا دوسرا ملتا نہیں

ڈھونڈتے پھرتے ہیں مَہر و مہ پتاملتا نہیں

نعمتِ کونین دیتے ہیں دو عالم کو یہی

مانگ دیکھو ان سے تم دیکھو تو کیا ملتا نہیں [2]

  صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                            صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

شعر جي مختصر وضاحت: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اوهان جي ذات بي مثل ۽ بي مثال آهي اهڙي بي مثال جو اوهان جھڙو ٻيو ڪو ملندو ئي نه ۽ اوهان جي حسن و انوار کي چنڊ سج ڳولهيندا رهندا آهن پر انهن کي اوهان جي حقيقت جو پتو ناهي ملي رهيو۔

جيڪو وڻي گھري وٺو

سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! هن حديثِ مبارَڪ ته ايمان ئي تازو ڪري ڇڏيو۔ حضرت سَيدُنا شيخ عبد الحق محدث دِهلوي رَحْمَۃُ الله عَلَيه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بنا ڪنهن قيد ۽ ڪنهن شيء کي خاص ڪرڻ بغير مُطلَقًا فرمائڻ: سَلْ؟ يعني گھر، ڇا ٿو گھرين؟ هن ڳالھ کي ظاهر ڪري ٿو ته سمورا ئي مُعاملات سرورِ ڪائنات، شاھ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارَڪ هٿ ۾ آهن، جيڪو چاهين جنهن کي چاهين، جڏهن چاهين، پنهنجي ربِّ ڪريم


 

 



[1]   فیضان ِ رمضان ،ص 82بحوالہ مسلم ص۲۵۳ حدیث ۴۸۹

[2]                                               سامانِ بخشش،ص۱۲۹۔