Ikhtiarat E Mustafa

Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

مڪي جي آمد مرحبا              مَدَني جي آمد مرحبا

عَرَبي جي آمد مرحبا                قُرَشي جي آمد مرحبا

هاشِمي جي آمد مرحبا             مُطَّلِبي جي آمد مرحبا

اي عاشقانِ ميلاد! اسان جي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عطا ڪهڙي آهي۔ هو گھرڻ واري کي ڪيئن نوازيندا آهن۔ هو ڪيئن ان جون جھوليون ڀريندا آهن، هو ڪيئن انهن کي جنت جي خوشخبري ٻڌائيندا آهن۔ اچو ٻڌون ٿا:

حضرتِ سَيدُنا رَبِيعه بن ڪعب اَسلَمي رَضِىَ اللّٰهُ عَنه فرمائن ٿا: مان رات حضور، سراپا نور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ گذاريندو هئس۔ هڪ رات مان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ وضو جو پاڻي ۽ ٻيون ضرورت جون شيون کڻي حاضر ٿيس ته رحمتِ عالم، محبوبِ رب اعظم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: سَلْ! يعني گھر ڇا ٿو گھرين؟ مون عرض ڪيو: اَسْئَلُکَ مُرَافَقَتَکَ فِی الْجَنَّۃ يعني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنَّت ۾ اوهان جو پاڙو گھرجي۔ (ڄڻ عَرض ڪري رهيا آهن:)

تجھ سے تجھی کو مانگ لوں توسب کچھ مل جائے

سو سوالوں سے یہی ایک سوال اچھا ہے

رَحمت جو دريا وڌيڪ جوش ۾ آيو ۽ فرمايائون: اَوَغَیْرَ ذٰلِکَ؟يعني ڪجھ ٻيو گهرجيوَ؟ مون عرض ڪيو: بس صرف اهو ئي۔

تجھ سے تجھی کو مانگ کر مانگ لی ساری کائنات

مجھ سا کوئی گدا نہیں ،تجھ سا کوئی سخی نہیں

جڏهن حضرتِ سَيدُنا رَبِيعه بِن ڪعب اَسلمي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جنت جي رَفاقت (پاڙو) طلب ڪري چڪو ۽ وڌيڪ ڪنهن حاجت جي طلب ڪرڻ کان اِنڪار ڪري