Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

غُنچے چَٹکے،پُھول مہکے ہر طرف آئی بہار                                           ہو گئی  صبحِ   بَہْاراں  عید ِ  میلادُ النّبی

هڪ هزار سال جي عبادت جو ثواب

اي عاشقانِ رسول! ٻارهن ربيع الاول جي ڏينهن روزو رکو جو حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت جي ڏينهن روزو رکڻ رب ڪريم جي نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ آهي ۽ ان ۾ تمام گھڻو اجروثواب به آهي۔ خود اسان جي آقا مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر سومر شريف جو روزو رکي پنهنجو يومِ ولادت ملهائيندا هئا۔ جيئن ته حضرت اَبُو قَتَادَه رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: حضور نبي رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ سومر جي روزي جي باري ۾ پڇيو ويو ته ارشاد فرمايائون: انهيء ڏينهن منهنجي وِلادت ٿي ۽ انهيء ڏينهن مون تي وَحي نازِل ٿي۔

هن فرمانِ عالي مان انهن ڏينهن ۾ روزن جي مستحب هئڻ ڏانهن اشارو آهي جو جن ۾ الله پاڪ جون نعمتون ٻانهن تي لهن ٿيون، هن امت تي الله پاڪ جي سڀ کان وڏي نعمت حضرت محمد مصطفيٰ احمدِ مجتبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ٻانهن جي لاءِ ظاهر فرمائڻ آهي۔ ۽ اهڙي ڏينهن روزو رکڻ تمام سٺو آهي جنهن ڏينهن ۾ الله پاڪ جي ٻانهن تي ان جون نعمتون نازل ٿينديون آهن۔ تنهنڪري هن مهيني ۾ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪرڻ گھرجن۔

جواهر غيبي ۾ آهي ته ٻارهن ربيع الاول جي ڏينهن جو روزو رکڻ واري کي 1000 سال جي عبادت جو ثواب ملندو آهي ۽ 5، 16 ۽ 26 ربيع الاول تي روزو رکڻ جو به گھڻو ثواب آهي ۔[1]

اي عاشقانِ رسول! ڪوشش ڪريو ٻارهين جي ڏينهن روزو رکو۔ ۽ پنهنجي پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ايصال ڪري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ


 

 



[1]    جواہر غیبی ،ص۶۱۷۔