Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

غريبن جي مدد ڪريو

اي عاشقانِ رسول! کوڙ ماڻهو پنهنجي غربت جي ڪري سياري جي موسِم ۾ گھر وارن ۽ ٻارن ٻچن جي سردي کان بچڻ جي لاءِ گرم لباس وغيره خريدڻ جي طاقت نٿا رکن، اهڙي ۾ جيڪڏهن اسان انهن جي مدد ڪيون ته ان ۾ اسان جي لاءِ اجرو ثواب آهي۔ ڪنهن شخص خواب ۾ مشهور تابعي بزرگ حضرت سيدُنا صفوان بن سُلَيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي انهن جي زندگي ۾ ئي جنّت ۾ ڏٺو ته اهو شخص پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان ملڻ لاءِ حاضر ٿيو ۽ پنهنجو خواب بيان ڪري سندن عمل جي باري ۾ پڇڻ لڳو ته ڪهڙي عمل جي سبب اوهان کي جنّت ۾ داخلو نصيب ٿيو؟ ان تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايو: ان جو سبب هڪ قميص آهي جيڪا مون هڪ شخص کي پارائي هئي۔ ماڻهن واقعو پڇيو ته فرمايائون: سردي جي هڪ رات ۾ مسجد مان نڪتس ته هڪ شخص کي ڏٺم جنهن وٽ سردي کان بچڻ جي لاءِ ڪجھ نه هو، مون پنهنجي قميص لاهي ان کي پارائي ڇڏي۔[1]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن الله پاڪ اسان کي رِزق ۾ وسعت ڏني آهي ته خشڪ ميوه جات(Dry Fruits) ۽ مفيد غذائن جو پاڻ به استعمال ڪريو ۽ غريب مسلمانن جي دِلجوئي جي لاءِ انهن کي به پيش ڪريو، جيئن ته

حضرت سيدُنا ليث بن سعد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت هئي ته سياري جي موسِم ۾ ماڻهن کي ڳئون جي گيھ ۽ ماکي مان تيار ڪيل حلوو کارائيندا هئا۔[2]

حضرت سيدُنا خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مصيبت زده ماڻهن جي فرياد ٻڌڻ ۽ انهن جو ساٿ ڏيڻ، حاجت مندن جي حاجت روائي ڪرڻ، بکايلن کي کاڌو کارائڻ، قيدين کي قيد مان ڇڏائڻ اهي ڳالهيون الله ڪريم وٽ وڏو رتبو


 

 



[1]   صفۃ الصفوۃ، جز:1، 1/106

[2]   سیر اعلام النبلاء،7/448