Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

اِجابت نے جُھک کر گلے سے لگایا  بڑھی ناز  سے جب دعائے مُحَمَّدْ

اِجابَت کا سَہرا عِنایت کا  جوڑا    دُلہن بن کے نکلی دعائے مُحَمَّدْ[1]

  صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                            صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

کجورن ۾ ايتري برڪت!!!

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته هڪ لڙائي ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان وٽ کاڌي جي ڪمي ٿي پئي ته حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ارشاد فرمايو: اي ابو هريره ! توهان وٽ کاڌي جي لاءِ ڪجھ آهي ؟ مون عرض ڪيو: منهنجي ٿيلهي ۾ ڪجھ کجورون آهن۔ ارشاد فرمايائون: کڻي اچو۔ مان ٿيلهي کڻي حاضر ٿيس ته ارشاد فرمايائون: دستر خوان به کڻي اچو، پوءِ مون دستر خوان آڻي وڇايو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کجورون ڪڍيون ته اهي 21 هيون۔ پاڻ سڳورن بِسْمِ الله پڙھي ۽ هڪ هڪ کجور کي پنهنجي مقدس هٿ ۾ وٺي بِسْم الله پڙھندا رهيا ايستائين جو سڀئي کجورون سندن مبارڪ هٿ اچي ويون۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي گڏ ڪري ارشاد فرمايائون: فُلاڻي ۽ انهن جي ساٿين کي گھرايو۔ مان انهن کي سڏي آيس ته انهن کائڻ شروع ڪيو ايستائين جو اهي پيٽ ڀري کائي هليا ويا۔ پوءِ فرمايائون: فُلاڻي ۽ ان جي ساٿين کي سڏيو۔ اهي ماڻهو به پيٽ ڀري کائي هليا ويا، پوءِ فرمايائون: فُلاڻي ۽ ان جي ساٿين کي سڏيو۔ اهي سڀئي به پيٽ ڀري کائي هليا ويا پر کجورون پوءِ به بچي ويون۔ ان کان پوءِ مون کي ارشاد فرمايائون: ويهو۔ مان ويهي رهيس پوءِ اهي کجورون حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ مون کاڌيون ۽ جيڪي کجورون باقي بچيون انهن کي حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٿيلهي ۾ وجھي ڇڏيو ۽ مون کي فرمايائون: جڏهن ڪڍڻ چاهيو ته پنهنجو هٿ وجھي کجورون ڪڍندو رهجان پر ٿيلهي کي ڪڏهن اونڌو نه ڪجان۔ بلڪ مون ان مان پنجاھ وسق(هڪ


 

 



[1]   حدائقِ بخشش، ص۶۶