Share this link via
Personality Websites!
اِجابت نے جُھک کر گلے سے لگایا بڑھی ناز سے جب دعائے مُحَمَّدْ
اِجابَت کا سَہرا عِنایت کا جوڑا دُلہن بن کے نکلی دعائے مُحَمَّدْ[1]
صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب ! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته هڪ لڙائي ۾ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان وٽ کاڌي جي ڪمي ٿي پئي ته حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي ارشاد فرمايو: اي ابو هريره ! توهان وٽ کاڌي جي لاءِ ڪجھ آهي ؟ مون عرض ڪيو: منهنجي ٿيلهي ۾ ڪجھ کجورون آهن۔ ارشاد فرمايائون: کڻي اچو۔ مان ٿيلهي کڻي حاضر ٿيس ته ارشاد فرمايائون: دستر خوان به کڻي اچو، پوءِ مون دستر خوان آڻي وڇايو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کجورون ڪڍيون ته اهي 21 هيون۔ پاڻ سڳورن بِسْمِ الله پڙھي ۽ هڪ هڪ کجور کي پنهنجي مقدس هٿ ۾ وٺي بِسْم الله پڙھندا رهيا ايستائين جو سڀئي کجورون سندن مبارڪ هٿ اچي ويون۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي گڏ ڪري ارشاد فرمايائون: فُلاڻي ۽ انهن جي ساٿين کي گھرايو۔ مان انهن کي سڏي آيس ته انهن کائڻ شروع ڪيو ايستائين جو اهي پيٽ ڀري کائي هليا ويا۔ پوءِ فرمايائون: فُلاڻي ۽ ان جي ساٿين کي سڏيو۔ اهي ماڻهو به پيٽ ڀري کائي هليا ويا، پوءِ فرمايائون: فُلاڻي ۽ ان جي ساٿين کي سڏيو۔ اهي سڀئي به پيٽ ڀري کائي هليا ويا پر کجورون پوءِ به بچي ويون۔ ان کان پوءِ مون کي ارشاد فرمايائون: ويهو۔ مان ويهي رهيس پوءِ اهي کجورون حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۽ مون کاڌيون ۽ جيڪي کجورون باقي بچيون انهن کي حضوراڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٿيلهي ۾ وجھي ڇڏيو ۽ مون کي فرمايائون: جڏهن ڪڍڻ چاهيو ته پنهنجو هٿ وجھي کجورون ڪڍندو رهجان پر ٿيلهي کي ڪڏهن اونڌو نه ڪجان۔ بلڪ مون ان مان پنجاھ وسق(هڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami