Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

رسول کي ٻيهر اهڙي اک ملي جو جنهن جي روشني ٻي اک کان تمام گھڻي هئي۔ جڏهن اسان کي اهڙو ڪريم آقا، مهربان و رحيم آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مليو آهي ته پوءِ اسان سندن ساراھ ڇو نه ڪيون، اسان جشنِ ولادت ڇونه ملهايون جو اهي ڪريم آهن جيڪي پنهنجي رب جا محبوب ۽ ڪائنات جي تخليق جو سبب آهن۔

دنيا کي پيدا نه ڪيان ها

حضرتِ سيدُنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: الله پاڪ فرمائي ٿو: وَعِزَّ تِي وَجَلَالِي لَوْلَاک مَا خَلَقْتُ الْجَنَّۃَ لَوْلَاک مَا خَلَقْتُ الدُّنْيا يعني مون کي پنهنجي عزت و جلال جو قسم ! اي محبوب! جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته مان جنت پيدا نه ڪيان ها، جيڪڏهن توهان نه هجو ها ته مان دنيا پيدا نه ڪيان ها۔[1]

اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي اها هستي آهن جن جي آمد جون خوشخبريون انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام ڏيندا رهيا آهن ته پوءِ اسان به ڇو نه آمدِ مصطفيٰ جا گيت ڳايون ۽ مرحبا جون صدائون لڳايون۔

سيد جي آمد مرحبا                     جيد جي آمد مرحبا

طيب جي آمد مرحبا                    طاهر جي آمد مرحبا

حاضِر جي آمد مرحبا                   ناظِر جي آمد مرحبا

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سردي ۽ گرمي کان بي نياز ڪري ڇڏيو

موليٰ مشڪل ڪشا، حضرت علي ڪرَّمَ اللّٰه وَجْهه الْڪرِيم فرمائن ٿا: نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي لاءِ دعا فرمائي: ياالله! هن کي سردي ۽ گرمي کان بي نياز ڪري ڇڏ، فرمائن ٿا: ان ڏينهن کان پوءِ مون کي ڪڏهن نه گرمي لڳي نه سردي۔ پاڻ سخت گرمي ۾ ٿُلهي قبا (ويڪرو ۽ ڊگھو لباس جيڪو ڪپڙن جي مٿان پاتو ويندو آهي) پائي وٺندا


 

 



[1]   فردوس الاخبار، ۲/ ۴۵۸، حدیث : ۸۰۹۵