Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

ميلاد جي خوشي جون برڪتون

اي عاشقان رسول! يقينًا جلوس ميلاد ۾ شرڪت ڪرڻ سعادتمندي جي نشاني آهي۔ ۽ جشن ولادت ملهائڻ الله ڪريم جي طرفان بي شمار ديني ۽ دنياوي رحمتن کي ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ جيئن ته سيدنا امام عبدالرحمن ابن جوزي فرمائن ٿا: جشن ِولادت تي خوشي ڪرڻ واري جي لاءِ اها خوشي، جهنَّم کان رُڪاوٽ بڻجندي۔ جيڪو جشنِ ولادت جي خوشي ۾ هڪ درهم خرچ ڪري ته رحمتِ عالم نورمجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان جي شفاعت فرمائيندا، ربِّ ڪريم ان کي هڪ درهم جي بدلي ڏھ درهم عطا ڪندو۔ اي حضور جي اُمَّت! توهان جي لاءِ خوشخبري آهي توهان دنيا ۽ آخرت ۾ خيرِ ڪثير جا حقدار ٿيندا۔ حضرت سيدنا احمدِ مجتبي، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو جشنِ ولادت ملهائڻ واري کي برڪت، عزت، ڀلائي ۽ فخر ملندو، موتين وارو عمامو ۽ سبز حُلَّو پائي اهو جنت ۾ داخل ٿيندو۔[1]

خوش ٿيو جو آقا جي آمد جا نعرا لڳائڻ وارا الله کي پيارا آهن ۽ محبوبِ خدا جي آمد جي خوشي ۾ مال خرچ ڪرڻ سان رزق ۾ برڪت ملندي آهي ۔

جلوسِ ميلاد بابت احتياط

ياد رکو! آقا جي ميلاد جون خوشيون ملهائڻ ۽ جلوس ميلاد ۾ شرڪت ڪرڻ مستحب آهي جڏهن ته گناھ کان بچڻ لازم آهي تنهنڪري جلوس جي حوالي سان ڪجھ احتياط ٻڌو:

(1) جشنِ ولادت جي خوشي ۾ جلوس ميلاد ڪڍڻ مهل بعض جڳهن تي ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو آهي ائين ڪرڻ شَرْعاً گناھ آهي۔ هن سلسلي ۾ ٻه روايتون پيشِ خدمت آهن: {۱} سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مون کي ڍول ۽ بانسري ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔[2]


 

 



[1]   مجموع لطیف الانسی ، مولد العروس، ص۲۸۱

[2]   فِردَوسُ الاخبار ج۱ ص۴۸۳ حدیث۱۶۱۲