Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

يتيمن جي والي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي غلامن جي ڪيئن اِمداد ڪن ٿا؟ الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شرعي احڪامات به تبديل ڪرڻ جو اِختيار عطا فرمايو آهي، الله پاڪ اسان جي نور واري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي زمين جي خزانن جو مالڪ ڪيو، الله پاڪ حضورِ انور، آمِنه جي دِلبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي موسم بدلڻ جو به اِختيار ڏنو، ان کان علاوه اِختياراتِ مصطفيٰ بابت ڪيئي اهم مفيد ڳالهيون ٻڌڻ جي سعادت به حاصل ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ الله

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايمان جو اعلان ڪرڻ واري ڳوھ 

حضرت سيدُنا عبدالله بن عُمَر رَضِىَ اللهُ عَنْهما کان روايت آهي ته اسان ٻنهي جھانن جي داتا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر هئاسين ته قبيله بني سُلَيم جو هڪ شخص ڳوھ (هڪ جانور) جو شڪار ڪري ان کي لڪائي اتان کان لنگھيو، ان اسان جو اجتماع ڏسي ماڻهن کان پڇيو: اهي ڪير ماڻهو آهن؟ ته ان کي ٻڌايو ويو ته اها ان شخص جي مجلس آهي جيڪو هيئن چوي ٿو ته مان الله جو رسول آهيان۔ اهو ٻڌي اهو پنهنجي سواري تان لهي ماڻهن جي وچان لنگھندي محبوبِ خدا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿي بدڪلامي ڪرڻ لڳو۔ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه ان جي ان گستاخي کي ڏسي عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اجازت ڏيو! ته مان ان جو سر قلم ڪيان۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: اي عمر! ڇا توهان کي خبر ناهي ته حِلم ۽ دَرگُذَر نبوّت جي وصفن مان آهي۔ پوءِ پاڻ ان ڏانهن متوجھ ٿيا ته اهو چوڻ لڳو: لات و عُزّيٰ (بُتّن) جو قسم! مان اوهان تي هرگز ايمان نه آڻيندس۔ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: اي اَعرابي! توکي هن ڳالھ تي ڪنهن اڪسايو ۽ مجبور ڪيو ته توهان اهڙو ڪلام ڪيو ۽ منهنجي مجلس جي عزت نه ڪيو۔ اَعرابي چوڻ لڳو: لات و عُزّيٰ (بُتّن) جو قسم! مان ان وقت اوهان تي ايمان آڻيندس جڏهن منهنجي هيءَ ڳوھ (جانور) اوهان تي ايمان آڻي۔ اهو