Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

*   اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو پاڻ حضرتِ عبدالله جي ٽٽل ڀيڏي کي جوڙي ڇڏيو۔

*   اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو پاڻ غزوۂ بدر ۾ حضرتِ عُڪاشه کي ڪاٺي عطا فرمائن ٿا ته اها تلوار بڻجي وڃي ٿي ۔

شاہِ کونین جلوہ نما ہوگیا                                                                                         رنگ عالَم کا بالکل نیا ہوگیا

ایسا اعزاز کس کو خدا نے دیا                                                                 جیسا بالا ترا مرتبہ ہوگیا

ایسی نافذ تمہاری حکومت ہوئی تم نے جس وقت جو کچھ کہا ہوگیا[1]

شه ڪون ومڪان جي آمد مرحبا                محبوبِ رب جي آمد مرحبا

سلطانِ عَرب جي آمد مرحبا                       رسولِ اڪرم جي آمد مرحبا

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

زمين جي خزانن جا مالڪ

پيارا اسلامي ڀائرو! تاجدار ِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي رب وٽ اهو ڪمال حاصل آهي جيڪو حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان پهريان ڪنهن به نبي کي حاصل نه هو۔ الله پاڪ زمين جي خزانن جون ڪنجيون حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عطا ڪيون آهن جيئن ته

حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: مان ستو پيو هئس ته زمين جي تمام خزانن جون چاٻيون آڻي منهنجي ٻنهي هٿن ۾ رکيون ويون۔[2] هڪ روايت ۾ آهي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ


 

 



[1]    قبالۂ  بخشش، ص۴۴۔

[2]   بخاری،کتاب الاعتصام، ج ۴،ص۵۴، دار طوق النجاۃ،صحیح مسلم کتاب المساجد،ج۱، ص۳۷۲، داراحیاء