Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

جهنّم کان پناھ گھرو

ياد رکو! جهنّم ۾ جتي گرمي جو عذاب آهي اتي ٿڌاڻ جو به عذاب ٿيندو، لهٰذا سخت سردي ۾ جهنّم جي سردي کان بچڻ جي دُعا ڪرڻ گھرجي۔

فرمانِ مصطَفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جڏهن سخت سردي ٿيندي آهي ته ٻانهو چوندو آهي:لَااِلٰه اِلَّا الله اڄ ڪيترو سخت سيء آهي! اَللّٰھُمَّ اَجِرْنِي مِنْ زَمْھَرِيرِ جَھَنَّم يعني اي الله پاڪ! مون کي جهنّم جي زَمْھَرِير کان بچاء۔ الله پاڪ جهنّم کي فرمائيندو آهي: منهنجو ٻانهو تنهنجي زَمْھَرِير کان منهنجي پناھ ۾ اچڻ چاهي ٿو ۽ مون تنهنجي زَمْھَرِيرکان ان کي پناھ ڏني۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: جهنّم جي زَمْھَرِير ڇا آهي؟ ارشاد فرمايائون: اها هڪ کڏ آهي جنهن ۾ ڪافر کي اڇلايو ويندو ته سخت سردي (سيء) سان ان جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا۔[1]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم جو قرب ماڻڻ ۽ ان جي رضا حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو نفل به آهن انڪري بزرگ سڳورا فرضن، واجبن سان گڏوگڏ نفلن جي ڪثرت ڪندا هئا۔

ٻارهين جي رات نفل پڙھڻ جون به فضيلتون آهن، اچو انهن مان هڪ فضيلت ٻڌون ٿا: ٻارهين جي رات جو رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي روح پاڪ کي هديو پهچائڻ جي لاءِ ويھ 20 رڪعت هن طرح پڙھون جو هر رڪعت ۾ سورة الفاتحه کان پوءِ ايڪيھ 21 ڀيرا سورة الاخلاص پڙھون، منقول آهي ته هڪ شخص هميشه هن طرح اها نماز پڙھندو هو ان کي نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي ۽ فرمائي رهيا هئا ته اسان توکي پاڻ سان گڏ جنت ۾ وٺي وينداسين۔[2]


 

 



[1]   جواہر خمسہ،21

[2]   جواہر خمسہ،ص21