Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

واٰلِهٖ وَسَلَّمَارشاد فرمايو: مون کي اهو ڪجھ عطا ٿيو جيڪو پهريان ڪنهن نبي کي عطا نه ٿيو، رُعب کان منهنجي مدد فرمائي وئي ۽ مون کي سڄي زمين جون ڪنجيون عطا ڪيون ويون۔[1]

کنجی تمہیں دی اپنے خزانوں کی خدا نے                                                                                              محبوب کیا مالک و مختار بنایا

کونین بنائے گئے سرکار کی خاطر                                                                         کونین کی خاطر تمہیں سرکار بنایا[2]

  صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                            صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

هٿ جي برڪت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جڏهن ڪنهن ٻانهي کي ڪا نعمت ڏيندو آهي ته ان کي ان جي استعمال جو اِختِيار به ڏيندو آهي، جيئن ته اسان کي اکيون ڏنيون ويون آهن ته اهو اختيار به ڏنو ويو آهي ته جڏهن چاهيون بند ڪريون جڏهن چاهيون کليل رکون۔ جيئن ته

الله پاڪ جڏهن پنهنجي محبوب کي سموريون نعمتون عطا ڪيون آهن ته هر شيء ۾ خيرِ ڪثير سان گڏوگڏ زمين جي سموري خزانن جون ڪنجيون به عطا ڪيون آهن ۽ اهو اختيار به عطا فرمايو آهي ته جنهن کي چاهين دنيا جي دولت ڏئي غني ڪري ڇڏين ۽ جنهن کي چاهين آخرت جي نعمت ڏئي الله جو ولي ڪري ڇڏين۔ چاهين ته پنهنجي برڪت سان مٺ برابر شيء کي گهڻي ڪري ڇڏين۔ جيئن ته

حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: منهنجي آقا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرت زينب رَضِیَ اللهُ عَنْھَا سان نڪاح فرمايو ته منهنجي والده اُمِّ سُلَيم مون کي چيو: ڇا اسان پياري آقا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ ڪجھ نذرانو نه موڪليون؟ مون عرض ڪيو: جي بلڪل! ائين ضرور ڪيو۔ ته


 

 



[1]   مسند احمد بن حنبل ،ج۲، ص۱۵۶، مؤسسۃ الرسالہ بیروت

[2]   ذوقِ نعت ص ۴۷