Book Name:Ikhtiarat E Mustafa

رکن ٿيون۔[1]

الله پاڪ اسان کي غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين جي تڪليفن ۾ انهن جي ڪم اچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔          اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

سردي کي گرمي ۾ بدلي ڇڏيائون

پيارا اسلامي ڀائرو! مديني واري مصطفيٰ، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت صرف شين تي نه هئي بلڪ سندن جي تابع ته اها سردي ۽ گرمي به هئي۔ پاڻ سردي کي حڪم فرمائيندا هئا ته گرمي ۾ بدلجي ويندي هئي۔ جيئن ته

مُؤَذِّنِ رسولُ الله حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مون هڪ سرد رات ۾ صبح جي اذان ڏني ته ڪو به نماز جي لاءِ نه آيو، مون ٻيهر اذان چئي پوءِ به ڪو به نه آيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو: اي بلال! ڇا معاملو آهي؟ مون عرض ڪيو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي فدا ٿين، ٿڌ انهن کي تڪليف ۾ وجھي ڇڏيو آهي۔ رسول رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دعا ڪئي: ياالله! انهن کان سردي کي ختم ڪري ڇڏ۔ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا ته مون ان دعا کان پوءِ ڏٺو ته ماڻهو پکي سان هوا وٺي رهيا آهن۔[2]

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اختياراتِ مصطفيٰ جو ڇا چوڻ! منهنجي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت جو ڇا چئجي جو پاڻ جڏهن ارادو ڪن ۽ جيئن ارادو فرمائن الله پاڪ سندن جي دعا کي قبوليت سان نوازيندو آهي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دعا گھري ته سرديءَ کي گرميءَ ۾ بدلي ڇڏيو۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ئي دعا سان حضرت اَنس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اولاد ۾ ڪثرت ٿي، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ئي دعا سان مديني ۾ گھڻي برسات ٿي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي دعا ئي  سان صحابي


 

 



[1]   معین الہند حضرت خواجہ معین الدین اجمیری،ص 124

[2]   دلائل النبوۃ ،ج۶، ص۲۲۴، دارالکتب العلمیہ