Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
حديثِ مبارڪه ۾ آهي: اِنِّي حَرَّمْتُ كُلَّ مُسْكِرٍ يعني بيشڪ نشو آڻڻ واري هر شيء مون حرام ڪري ڇڏي آهي۔[1]
* رسول ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪنهن شيء کي حلال قرار ڏيڻ ۽ ڪنهن کي حرام قرار ڏيڻ اها خصوصيت رڳو ڪجھ احڪام جي لاءِ نه هئي بلڪ سڀني احڪامن جي لاءِ عام هئي۔ نه صرف ايترو بلڪ منهنجي آقا و مولا محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ايتري تائين اختيار عطا فرمايو ويو جو پاڻ جيڪو حڪم چاهين، جنهن جي لاءِ چاهين خاص ڪري ڇڏين۔ جيئن ته
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو پاڻ هڪ صحابي جي لاءِ پنج جي بدران ٻه نمازون فرض ڪري ڇڏيون۔
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو اڪيلي ابوبُرْدَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي لاءِ 6 مهيني جي ٻڪري جي قرباني جائز قرار ڏئي ڇڏي۔
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو حضرتِ خُزيمه بن ثابت رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شاهدي ٻن ماڻهن جي برابر ڪري ڇڏي۔
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو حرم مڪه ۾ اِذخَر ٻُوٽي جي ڪٽڻ کي حلال ڪري ڇڏيو۔
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو پاڻ خود ريشم کي حرام قرار ڏئي ڇڏيو ۽ انهيء حرمت کي حضرت زبير بن عوام ۽ حضرت عبدالرحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنْهمْ اَجْمَعِين جي حق ۾ حلال قرار