Book Name:Ikhtiarat E Mustafa
ڏئي ڇڏيو۔
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو حضرت اَسماء بنت عُميس جي لاءِ مڙس جي وفات جي عدّت 3 ڏينهن مقرر ڪئي۔
* اهو شرعي اختيار رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي کي حاصل هو جو قرآنِ پاڪ جي سورت سيکارڻ حق مهر قرار ڏئي ڇڏيو۔
* اهو شرعي اختيار به پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ئي حاصل هو جو حضرت بَراء رَضِىَ اللهُ عَنْه کي سون (Gold) جي منڍي پائڻ جي اجازت عطا ڪئي۔
* اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ئي حاصل هو جو حضرتِ سُراقه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي لاءِ سون جا ڪنگڻ پائڻ کي جائز قرار ڏنو۔
* اهو اختيار به رحمت عالم ئي کي حاصل هو جو لٿل سج کي ٻيهر واپس موٽائي ڇڏيو۔
* اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ئي حاصل هو جو چنڊ جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏيا۔
* اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ئي حاصل هو جو چنڊ سندن آڱر جي اشاري سان هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويندو هو۔
چاند جھک جاتا جدھر انگلی اٹھاتے مہد میں کیا ہی چلتا تھا اشاروں پر کھلونانورکا
* اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ئي حاصل هو جو سندن آڱرين مان پاڻي جا چشما جاري ٿي ويا۔
* اهو اختيار به رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ئي حاصل هو جو پاڻ حَبيب بن يساف جو ڪپيل هٿ جوڙي ڇڏيو۔