Book Name:Iman ke Salamti

تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”ايمان جي سلامتي“ هن بيان ۾ اسان ٻڌنداسين ته قرآن و حديث ۾ ايمان تي ثابت قدم رهڻ بابت ڪيتري قدر تاڪيد بيان ڪئي وئي آهي، هڪ مسلمان کي ايمان جي سلامتي جي لاءِ ڪيتري قدر فڪر مند رهڻ جي ضرورت آهي، اسان جا بزرگ سڳورا ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪيڏو فڪرمند رهندا هئا، انهن کي ايمان جي برباد ٿيڻ جو ڪيترو خوف لاحق رهندو هو، سلبِ ايمان بابت فڪر مند رهڻ ڪيترو ضروري آهي، آخرت ۾ نجات ماڻڻ جي لاءِ ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، ان جي علاوه ڪجهه اهڙن معاملن بابت به ٻڌنداسين جيڪي ايمان جي بربادي جو سبب بڻجي سگهن ٿا وغيره وغيره۔ اچو سڀ کان پهريان الله پاڪ جي انهن نيڪ ٻانهن جو قرآني واقعو ٻڌون ٿا، جن پنهنجو ايمان بچائڻ جي لاءِ هڪ غار ۾ پناھ ورتي هئي:

اَصحابِ ڪهف جو واقعو

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪافي عرصو پهريان (عربي سمنڊ جي ڪناري مُلڪ روم جي) زمين تي ’’اُفسُوس‘‘ نالي شهر (City) آباد هو، اهو شهر بادشاھ ”دَقيانوس“ جي سلطنت ۾ ايندو هو۔ دقيانوس پاڻ به غير خدا جي پوڄا ڪندو هو ۽ ماڻهن کي به ان تي مجبور ڪندو هو، جيڪو انڪار ڪندو هو ته ان تي ظلم ڪندو هو ۽ عبرت ناڪ سزا ڏيندو هو۔ ايمان وارا ان جي ظلم کان بچڻ جي لاءِ لڪي ويندا هئا ۽ پنهنجو ايمان بچائيندا هئا۔ ايمان وارن جي هڪ معزّز ٽولي کي اهو خدشو هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن دقيانوس انهن تائين پهچي ويندو ۽ انهن کي غير خدا جي پوڄا تي مجبور ڪندو، ان خطري جي ڪري انهن هي شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتان نڪرڻ لڳا، واٽ ۾ انهن جي ملاقات هڪ ٻڪرار سان ٿي جيڪو پنهنجو ايمان بچائڻ جي لاءِ شهر کان ٻاهر وڃي رهيو هو، ان سان گڏ هڪ ڪتو به هو، اهو ٻڪرار ۽ ڪتو به انهن سان گڏ هلڻ لڳو، رستي ۾ موجود هڪ غار کي انهن پنهنجو ٺڪاڻو بڻائي ورتو ۽ اتي آرام ڪرڻ