Book Name:Iman ke Salamti

ڪراچي جي عَلائقي ناظِم آباد جي رهائشي هڪ وڏي عمر جي اسلامي ڀاءُ مدني قافلي جي برڪتن جو تذڪرو ڪجھ هن طرح ڪيو، مان تقريباً 19 سالن کان ساھ جي مَرَض ۾ مُبتَلا هيس۔ ڪڏهن ڪڏهن بيماري جي شِدَّت جي ڪري مونکي گھڻي تڪليف جو منهن ڏسڻو پوندو هو، ڪڏهن ته آڌي رات جو طبيعت بگڙجي ويندي هئي ته انهيء وَقت ڊاڪٽر (Doctor) وٽ وڃڻو پوندو هو۔ مطلب ته مان تمام گهڻو پريشان رهندو هيس. عِلاج سان وقتي طور ته آرام اچي ويندو هو پر مونکي مستقل سڪون ميسر نه هو۔ منهنجي خوش قسمتي جو هڪ ڀيرو عاشقانِ رسول جي همراهه ٽن (3) ڏينهن جي مَدَني قافِلي ۾ سفر جي سعادت حاصِل ٿي. مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان جتي اُنهن جا ڏينهن رات عبادتِ الٰهي ۾ گذريا، عِلمِ دين حاصِل ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ اتي ٻيون بَرڪتون به نصيب ٿيون۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه مَدَني قافِلي جي دوران اُنهن ٽن ڏينهن ۾ نه ئي اِنجڪيشن جي حاجت پيش آئي ۽ نه ئي ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃڻو پيو بلڪ اتي اهڙو اِطمينان ۽ سُڪون مليو جو ان کان پهريان ڪڏهن نه مليو هو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه مَدَني قافِلي جي بَرَڪت سان اُنهن جي 19سال پُراڻي مَرَض ۾ واضح ڪمي آئي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

ايمان کسڻ لاءِ ڦر مار

  پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ايمان جي سلامتي ۽ حفاظت جي اهميت جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين، اي ڪاش! اسان کي ايمان جي حفاظت جي لاءِ بزرگانِ دين جهڙي سوچ ۽ تڙپ نصيب ٿي وڃي، الله جا نيڪ ٻانها ايمان کسجڻ جي خوف سبب ڪيتري قدر ڏڪندا رهندا هئا، اچو ان باري ۾ ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا: جيئن

ايمان جي کسجڻ جي فڪر ۾ سڄي رات گرِيه وزاري

حضرت سيدُنا يوسُف بن اَسباط رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان هڪ ڀيري حضرتِ سيدُنا سُفيان ثَوري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه وٽ حاضِر ٿيس، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات روئيندا رهيا۔ مون پڇا ڪئي: ڇا توهان گُناهن جي خوف سبب روئي رهيا آهيو؟ ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هڪ ڪک کنيو ۽ فرمايائون: گُناھ ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هن ڪک کان به گھٽ حَيثيت رکن ٿا، مون کي ته هن ڳالھ جو خَوف آهي ته ڪٿي ايمان جي دولت نه کسجي وڃي۔ (منہاج العابدین، الباب الخامس: العقبۃ الخامسۃ، الاصل الثالث فی ذکر ماوعد الخ، ص۱۶۹)

مون کي بس ايمان تي خاتمي جو فڪر آهي