Book Name:Iman ke Salamti

گھڙي تائين مسلمان ئي رهندو، جهڙي طرح بي شمار ڪافر خوش قسمتي سان مسلمان ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ڪيئي بدنصيب مسلمانن جو مَعَاذَ الله اسلام کان ڦري وڃڻ به ثابت آهي، جيئن

اولادِ آدم جا طبقات

          هڪ ڊگھي حديثِ پاڪ ۾ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو به ارشاد فرمايو ته: اولادِ آدم مختلف طبقات تي پيدا ڪئي وئي، انهن مان (1) بعض مومن پيدا ٿيا ايمان جي حالت تي زنده رهيا ۽ مومن ئي مرندا، (2) بعض ڪافر پيدا ٿيا ڪفر تي زنده رهيا ۽ ڪافِر ئي مرندا، (3) بعض مومِن پيدا ٿيا مومِناڻي زندگي گذاري ۽ ڪفر جي حالت تي مُئا، ۽ (4) بعض ڪافِر پيدا ٿيا، ڪافر زنده رهيا ۽ مومِن ٿئي مرندا۔ (ترمذی،کتاب الفتن،باب ما اخبر النبی الخ،۴/ ۸۱،حدیث: ۲۱۹۸)

اصل ڪاميابي ڇا آهي؟

          معلوم ٿيو ته اصل ڪاميابي صرف دُنيا ۾ مومن ۽ مسلمان هئڻ ئي ناهي بلڪ ان سان گڏوگڏ مرڻ گھڙي تائين پنهنجو ايمان سلامت کڻي وڃڻ اصل ڪاميابي آهي جيئن ته هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ هن ڳالھ کي واضح طور تي بيان ڪيو ويو۔ جيئن

          فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آهي: يبْعَثُ ڪلُّ عَبْدٍ عَلَي مَا مَاتَ عَلَيه يعني هر ٻانهو ان حالت تي اٿاريو ويندو آهي، جنهن تي مرندو آهي۔ (مسلم،کتاب الجنۃ وصفۃ نعیمھا واہلھا، باب الامربحسن الظن باللہ تعالی الخ، ص۱۱۷۸، حدیث:۷۲۳۲)

          مفسرِ قرآن، حضرتِ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي تحت لکن ٿا: يعني اِعتبار خاتمي (موت) جو آهي، جيڪڏهن ڪو ڪفر تي مري ته ڪفر تي ئي اُٿندو توڙي جو زندگي ۾ مومن رهيو هجي ۽ جيڪڏهن ايمان تي مري ته ايمان تي اُٿندو، توڙي جو زندگي ۾ ڪافر رهيو هجي۔ (مرآۃ المناجیح ، ۷/ ۱۵۳)

ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڇا ڪيو وڃي 

     پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته ايمان جي نعمت تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪريون، ٭ سڄي زندگي ايمان تي ثابت قدم رهڻ جون دُعائون گھرندا رهون، ٭ ايمان جي حفاظت ۽ مضبوطي جي لاءِ علمِ دين، خاص ڪري