Book Name:Iman ke Salamti

جي خاطر سمهي پيا، غار ۾ سمهڻ کان پوءِ انهن سان ڪيئي عجيب و غريب واقعا ٿيا: (1) اهي ماڻهو غار ۾ ٽي سو نوَ  سالن تائين ستل رهيا۔ ٽي سو نو سال کان پوءِ جڏهن الله پاڪ جي حڪم سان هي بيدار ٿيا ته نه صرف انهن جو جسم سلامت هو، بلڪ انهن جا ڪپڙا، پيسا ايستائين جو انهن جو ڪتو به سلامت هو۔ (2) اهي غار ۾ ستل هئا پر هن طرح جو ڪو انهن کي ڏسندو هو ته بيدار گمان ڪندو هو۔ (3) الله پاڪ جي حڪم سان سج نڪرڻ مهل غار کان ساڄي پاسي ٿي ويندو هو ۽ لهڻ مهل کاٻي پاسي ٿي ويندو هو، اهڙي طرح اهي نيڪ ماڻهو غار جي کليل حصي ۾ ليٽڻ جي باوجود سج جي شعاعن کان محفوظ رهيا۔

            دقيانوس کي جڏهن اها خبر پهتي ته ڪجھ ماڻهن غير خدا جي پوڄا کان بچڻ جي لاءِ غار کي پنهنجو ٺڪاڻو بڻايو آهي ته ان حڪم ڏنو ته غار تي هڪ ديوار بڻائي وڃي ته جيئن اهي ڪڏهن به غار مان نڪري نه سگھن ۽ ان ۾ تڙپي تڙپي پساھ پورا ڪن۔ دقيانوس جنهن کي ديوار تعمير ڪرڻ جي ذمه داري حوالي ڪئي هئي اهو نيڪ انسان هو، هو ان فيصلي کي بدلائي ته نه پئي سگهيو، تنهنڪري ان غار کي پنهنجو ٺڪاڻو ٺاهڻ وارن جا نالا ۽ ڪجھ تفصيل هڪ تختي تي لکي ان کي صندوق (Box) ۾ رکرائي ڇڏيو ۽ ان صندوق کي ديوار جي بنياد ۾ محفوظ ڪرائي ڇڏيو۔ پوءِ اهي اصحابِ ڪهف ٽي سو نو (309) سالن کان پوءِ هڪ مومنِ صالح بادشاھ بيدروس جي دورِ حڪومت ۾ الله پاڪ جي حڪم سان بيدار ٿيا۔ ( تفسیر خازن،پ ۱۵، الکھف، تحت الآیۃ:۱۸، ۳/ ۱۹۸ تا ۲۰۳ ملخصا)

اصحاب ڪهف يعني غار وارن جو واقعو قرآنِ ڪريم جي سيپاري 15 سورة الڪهف جي آيت نمبر 9 ۾ ڪجهه هيئن آهي:

اَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَ الرَّقِیْمِۙ-كَانُوْا مِنْ اٰیٰتِنَا عَجَبًا(۹) (پ۱۵، الڪهف:۹)    

ترجموڪنزالايمان: ڇا توکي خبر آهي غار ۽ جھنگ جي ڪناري وارا اسان جي هڪ عجيب نشاني هئا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اصحابِ ڪهف کي پنهنجي ايمان جي حفاظت جو ڪيتري قدر فڪر هو جو انهن دقيانوس بادشاھ جي طرفان ڏنل غيرِ