Book Name:Iman ke Salamti

فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردا ماڻهن جي نگاھ جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجندا آهن ائين ئي هي الله پاڪ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان(يعني شرمگاھ) کي ڏسي نه سگھن. ([1]) ٭جيڪو شخص ڪپڙو پائي ۽ هي  پڙهي: اَلْحَمْدُلِلہِ الَّذِیْ کَسَانِیْ ھٰذَا وَرَزَقَنِیْہِ مِنْ غَیْرِحَوْلٍ مِّنِّیْ وَلَا قُوَّۃٍ ته ان جا اڳيان پويان گناهه معاف ٿي ويندا. ([2]) جيڪو قدرت باوجود سٺا ڪپڙا پائڻ تواضُع (يعني عاجزي) جي ڪري ڇڏي ڏئي الله پاڪ ان کي قيامت جي ڏينهن ڪرامت جو حُلّو (يعني لباس) پارائيندوـ([3]) لباس حلال ڪمائي مان هجي ۽ جيڪو لباس حرام ڪمائي مان حاصل ٿئي ان ۾ فرض ۽ نفل ڪا نماز قبول ناهي ٿيندي (اَيضاً ص۱ ۴) ٭پائڻ مهل ساڄي پاسي کان شروع ڪيو (جو سنت آهي) مثلاً جڏهن ڪُرتو پايو ته پهرين ساڄي آستين ۾ ساڄو هٿ داخل ڪيو پوءِ کاٻو هٿ کاٻي آستين ۾٭اهڙي طرح پاجامو پائڻ مهل پهرين ساڄي پانچي ۾ ساڄو پير داخل ڪيو ۽ جڏهن (ڪُرتو يا پاجامو) لاهيو ته ان جو خلاف يعني کاٻي پاسي کان شروع ڪيو ٭ مرد مردانو ۽ عورت زنانو ئي لباس پائي ٭ ننڍن ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ به هن ڳالهه جو لحاظ رکو.

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب “سنتیںاورآداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ الله!       ايندڙ هفتيوار اِجتماع جو موضوع هوندو بي مثال عورتون۔ تاريخِ اسلام ۾ بي مثال عورتن جو ذڪر ملي ٿو، انهن ۾


 

 



[1] مرآۃ المناجیح، ۱/۲۶۸

[2] شعب الایمان،باب الملابس والاوانی، ۵/۱۸۱،حدیث:۶۲۸۵

[3] ابوداود،کتاب الادب،باب من کظم غیظا، ۴/۳۲۶ ،حدیث: ۴۷۷۸