Book Name:Iman ke Salamti

رسول (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ٻين کان وڌيڪ محبوب هجي (2) جيڪو ڪنهن ٻانهي سان محبت ڪري ۽ ان جي محبت صرف الله پاڪ جي لاءِ هجي ۽ (3) جنهن کي الله پاڪ ڪفر مان ڪڍيو هجي اهو ڪفر ۾ واپس ٿيڻ کي اهڙي طرح ناپسند ڪري جهڙي طرح باھ ۾ وڌو وڃڻ کي ناپسند ڪري۔ (مسلم، کتاب الایمان، باب بیان خصال من اتصف الخ، ص ۴۷، حدیث:۱۶۵)

جهنم جون هولناڪيون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جنهن بد نصيب جو ڪفر تي خاتمو ٿيندو، اهو قبر جي عذاب ۾ ته گرفتار ٿيندو ئي، ان سان گڏوگڏ هميشه هميشه جي لاءِ جهنم ۾ به وڃڻو پوندو ۽ جهنم جون هولناڪيون تمام گھڻيون سخت آهن۔ صدرُ الشَّريعه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جهنم جون هولناڪيون بيان ڪندي نقل فرمائن ٿا: ٭ حضرت جبرئيل عَلَيّهِ السَّلَام پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  سان قسم کڻي عرض ڪيو: ته جيڪڏهن جهنم مان سُئي جي سوراخ برابر کوليو وڃي ته تمام زمين وارا سڀ جا سڀ ان جي گرمي سان مري وڃن ۽ ٭ قسم کڻي چيو: ته جيڪڏهن جهنم جو ڪو داروغو (يعني محافظ و نگران) دنيا وارن تي ظاهر ٿئي ته زمين تي رهندڙ سڀ جا سڀ ان جي هيبت (Horror) سان مري وڃن ۽ ٭ قسم کڻي بيان ڪيائين ته جيڪڏهن جهنمين جي زنجير جي هڪ ڪڙي دنيا جي جبلن تي رکي وڃي ته اهي ڏڪڻ لڳن ۽ انهن کي قرار نه اچي، ايستائين جو زمين جي اندر دٻجي وڃن۔ ٭ اها دنيا جي باھ (جنهن جي گرمي ۽ تيزي سان ڪير واقف ناهي جو ڪنهن موسم ۾ ته ان جي ويجھو وڃڻ ڏکيو هوندو آهي، پوءِ به اها باھ) خدا کان دعا ڪندي آهي ته ان کي جهنم ۾ ٻيهر نه آندو وڃي، پر تعجب آهي انسان تي جو جهنم ۾ وڃڻ جا ڪم ڪندو آهي ۽ ان باھ کان ناهي ڊڄندو جنهن سان باھ به ڊڄندي ۽ پناھ گھرندي آهي۔ ٭ ان (جهنّم) ۾ مختلف طبقا ۽ وَادي ۽ کوھ آهن، ڪجهه واديون اهڙيون آهن جو جهنم پڻ هر ڏينهن ستّر ڀيرا يا وڌيڪ اُن کان پناھ گھرندو آهي، اها ان مڪان جي حالت آهي، جيڪڏهن ان ۾ ٻيا ڪي عذاب نه هجن ته اهو ئي گھٽ آهي ڇا! پر ڪافرن جي سَرزَنِش(تنبيهه) جي لاءِ ٻيا طرح طرح جا عذاب مهيا ڪيا ويا آهن، ٭ لوھ جي اهڙن وزني گُرزن سان ملائڪ ماريندا جو جيڪڏهن ڪو گُرز زمين تي رکيو وڃي ته تمام جن و انس گڏ ٿي ان کي کڻي نه سگهن، ٭ ڪافر جان کان عاجز اچي پاڻ ۾ مشورو ڪري داروغهءِ جهنم (جهنم جي محافظ ملائڪ) مالڪ عَلَيّهِ السَّلَام کي سڏيندا: ته اي مالڪ (عَلَيّهِ السَّلَام)! تنهنجو رَبّ اسان جو قصو تمام ڪري ڇڏي، مالڪ عَلَيّهِ السَّلَام