Book Name:Iman ke Salamti

حفاظت جي لاءِ نيڪ ماڻهن سان پنهنجو تعلق مضبوط ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ علمِ دين سکو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ گناهن کان دور رهو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ نيڪين تي استقامت حاصل ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪامل ايمان وارن جي سيرت جو مطالعو ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ فضول ڳالهائڻ کان پرهيز ڪيو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ دين جي معاملي ۾ محتاط رهو ٭ ايمان جي حفاظت جي لاءِ هر ان ڪم کان بچو جنهن ۾ الله ۽ رسول جي ناراضي هجي.  

رب جي ناراضي وارو ڪم نه ٿئي وڃي.

حضرت امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيو ويو: اوهان جو ڪهڙو حال آهي؟ فرمايائون: جنهن شخص جي ٻيڙي درياء جي وچ ۾ وڃي ٽٽي پئي، ان جا تختا جدا ٿي وڃن ۽ هر شخص لوڏا کائيندي تختن تي نظر اچي ته ان جو ڪهڙو حال هوندو؟ عرض ڪيو ويو: تمام گهڻو پريشاني وارو. فرمايائون: منهنجو به اهو حال آهي.

    هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ايتري قدر اداس ٿيا جو ڪيئي سالن تائين نه کليا. ماڻهن سندن کي ائين ڏسندا هئا ڄڻ ڪو اڪيلائي واري قيد ۾ آهي ۽ ان کي موت جي سزا ٻڌائي وڃڻ واري آهي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان بي چينيءَ ۽ پريشاني جو سبب پچيو ويو ته اوهان ايتري عبادت ۽ رياضت ۽ مجاهدن جي باوجود فڪر مند ڇو رهندا آهيو؟ فرمايائون: مون کي هر وقت اهو خوف رهندو آهي ته ڪٿي مون سان ڪو اهڙو ڪم نه ٿئي وڃي جنهن جي سبب الله پاڪ ناراض ٿي وڃي ۽ هو فرمائي ڇڏي ته تون جيڪو چاهين ڪر پر منهنجي رحمت تون سان گڏ نه هوندي. رڳو انهيءَ ڪري مان پنهنجي جان ڳاري رهيو آهيان.  ) کیمیائے سعادت،رکن چہارم:منجیات ،فصل اسباب سوء خاتمت، ۲/ ۸۳۲ (

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو!  اسلام جي دامن سان وابسته ٿيڻ وارن کي اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  به ڪيئي ڀيرا اسلام ئي جي نور ۾ رهڻ، ڪفر جي تاريڪين کان بچڻ ۽ ڪفر کان هميشه بيزار رهڻ جي ترغيب ڏياري آهي، جيئن فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  آهي: ٽي خصلتون اهڙيون آهن جنهن ۾ اهي هونديون اهو انهن جي ڪري ايمان جي مٺاس (Sweetness) حاصل ڪري وٺندو (1) جنهن جي ويجھو الله پاڪ ۽ ان جو