Book Name:Iman ke Salamti

آهي جو ٿوري لمحي جي لاءِ به اڪيلائيءَ ۾ يادِ الاهي ڪرڻ جي دل نٿي چاهي، ايمان جي حفاظت جي توڙي جو چاهت آهي پر هن جي لاءِ برا دوست ڇڏڻ بلڪ ڪنهن به قرباني ڏيڻ جي همت ناهي. ياد رکو! برو دوست ايمان جي لاءِ نقصان جو باعث ٿي سگهي ٿو. اسان جي پياري پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: انسان پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي ان کي اهو ڏسڻ گهرجي ته ڪنهن سان دوستي ڪري ٿو. )مسند امام احمد ، مسند ابی ہریرۃ، ۳/۱۶۸، حدیث :۸۰۳۴ (

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايمان ۽ ڪفر جي تعلق سان ضروري معلومات

ياد رهي ته! ايمان ۽ ڪفر جي ضروري معلومات جو حاصل ڪرڻ بلڪ ان سڀني اسلامي عقائدن جو ڄاڻڻ ضروري آهي جو جن جي ذريعي انسان سچو پڪو مسلمان بڻجي يعني اهڙن عقيدن جو ڄاڻڻ جن جو انڪار ڪرڻ سان انسان اسلام مان نڪري وڃي يا گمراهه ٿي وڃي. انهن جي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ڇپيل هنن ڪتابن جو مطالعو تمام گهڻو فائدو ڏيندو. (1) ڪتاب العقائد (2) بنيادي عقائد ۽ معمولاتِ اهلِ سنت. (3) بهارشريعت جي پهرين جلد جو پهريون حصو

اي عاشقانِ رسول! مدني مذاڪرن ۾ اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ۽ جانشين امير اهلسنت مدظلہ جي صحبت يقينًا تمام وڏي نعمت ۽ ايمان جي سلامتي جو سبب آهي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن جي ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ته مان ته ڪيترو پري آهيان، مان ان جي صحبت جون برڪتون ڪيئن حاصل ڪري سگهان ٿو؟ اچو ٻڌون ٿا ته ظاهري ملاقات ۽ صحبت نه هئڻ جي صورت ۾ ڪهڙو انداز اختيار ڪيو وڃي جو انهن هستين جو فيضان حاصل ٿي سگهي، انهن کان برڪتون حاصل ڪري سگهجن، مدني چينل سڄي دنيا ۾ جتي نيڪي جي دعوت عام ڪري رهيو آهي، اتي ماڻهن جي ايمان جو تحفظ به ڪري رهيو آهي، بلڪ مدني چينل جي برڪت سان هاڻي تائين خبر ناهي ڪيترائي غير مسلمان اسلام جي دامن سان وابسته ٿي چڪا آهن. مدني چينل تي به اميراهلسنت ۽ جانشينِ امير اهلسنت جي زيارت جو موقعو ملندو رهندو آهي. دعوت اسلامي جي مجلس آئي ٽي عاشقانِ رسول جي لاءِ هڪ تمام ئي شاندار ڪم ڪيو آهي، اهو ڪهڙو آهي اچو ٻڌون ٿا!!!