Book Name:Iman ke Salamti

هوندو هو ته ڪٿي اسان کان اسان جو ايمان نه کسجي وڃي، ٭ اولياء الله ڪثرتِ عبادت جي باوجود الله پاڪ جي ناراضي وارن ڪمن ۽ ڳالهين کان بچندا هئا، ٭ اولياء الله ٻين کي به ايمان تي خاتمي جي دُعا جو چوندا هئا، ٭ اولياء الله حفاظتِ ايمان جي لاءِ لڙڪ وهائيندا هئا، ٭ اولياء الله حفاظتِ ايمان جي لاءِ غير ضروري ميل جول کان بچندا هئا۔ تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته الله وارن جي نقشِ قدم تي هلون، پنهنجي زبان جي حفاظت ڪريون، فضول ۽ غير ضروري ميل جول کان بچون، نيڪين جو شوق پنهنجي دل ۾ پيدا ڪريون، پنهنجي گناهن تي لڙڪ وهايون ۽ گناهن کان سچي توبه ڪريون، الله پاڪ کان دنيا ۽ آخرت ۾ عافيت ۽ نجات جي دُعا گھرون ۽ ان جي لاءِ عملي ڪوششون به جاري رکون۔ اسان کي گھرجي ته پنهنجي گناهن کي ياد ڪيون، انهن تي لڙڪ وهايون ۽ الله پاڪ کان توبه ۽ استغفار ڪيون۔ بدقسمتي سان اڄڪلھ اسان روئيندا ته آهيون پر خطائن تي يا خوفِ خدا جي ڪري ناهيون روئندا بلڪ دُنيا جي غمن جي ڪري روئندا آهيون. جڏهن ته بزرگانِ دين رحمهم الله جي ويجھو دنيا جي محبت يا مال جي ضايع ٿيڻ تي روئڻ قابلِ تعريف نه هو بلڪ انهن بزرگن جي نزديڪ خوفِ خدا ۾ روئڻ، عشقِ مُصطَفٰي ۾ لڙڪ وهائڻ، گناهن تي اشڪباري (Weeping) ڪرڻ ۽ ايمان جي کسجي وڃڻ جي ڊپ سبب گريه و زاري ڪرڻ ساراھ لائق هو۔ جيئن ته

دُنياوي سامان وڃي ته وڃي پر ايمان نه وڃي

          حضرت عبدُالله تُستري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سان ڪنهن شڪايت جي طور تي عرض ڪيو: سائين چور منهنجي گھر مان سمورو مال چورائي کڻي ويا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن شيطان توهان جي دل ۾ داخل ٿي ايمان کڻي وڃي ها ته پوءِ تون ڇا ڪرين ها؟ (کیمیائے سعادت،رکن چہارم: منجیات، فصل بربلا نیز شکر باید کرد،۲/ ۸۰۵)

          اي ڪاش! اسان به بُزرگ سڳورن جي نقشِ قدم تي هلندي ٭ خوفِ خدا سان روئون، ٭ايمان تي خاتمي جي لاءِ روئون، بُري خاتمي جي خوف سبب لڙڪ وهايون، ٭ يادِ خدا ۾ آھ و زاري ڪريون، ٭ عشقِ مُصطَفٰي ۾ پنبڻ ڀِڄايون، ٭ مديني جي ياد ۾ تڙپون، ٭ جنت البقيع جي طلب ۾ گريه و زاري ڪريون، ٭ قيامت جي گھٻراهٽ کان بچڻ جي لاءِ اکيون آليون ڪريون،٭ پل صراط تان آساني سان گُذر ٿي وڃي ان ڪري روئون، ٭ميزانِ عمل تي نيڪين جو پڙ وزن دار ٿي وڃي ان لاءِ ٻاڏايون، ٭ بلڪ بي حساب بخشجڻ جي لاءِ الله پاڪ جي