Book Name:Iman ke Salamti

جانشينِ عطار ايپليڪيشن جو تعارف

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُلله عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ دينِ متين جو پيغام پهچائڻ لاءِ مصروفِ عمل آهي، هن جديد دور ۾ تبليغِ دين لاءِ جديد ذريعا به اپنايا پيا وڃن. انهيءَ سلسلي جي تحت جانشين اميراهلسنت حضرت مولانا عبيد رضا عطاري مدني جي نالي سان به هڪ ايپليڪيشن(Application) بڻائي وئي آهي. جنهن جو نالو آهي: ”الحاج عبيد رضا عطاري“ (AL-Haaj Ubaid Raza Attari) هن ايپليڪيشن ۾ جانشينِ اميراهلسنت جا بيان، شارٽ ڪلپون، مختلف مصروفيتون، مدني چينل ريڊيو، ڪلب وغيره جي ڊائون لوڊنگ ۽ سرچنگ جي سهولت شامل ڪئي وئي آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ انسٽال ڪيو ۽ هن مان خوب فائدو وٺو.   

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! گُناهن جي نحوست به ڪڏهن ڪڏهن بري خاتمي جو سبب بڻجندي آهي، تنهنڪري اسان کي گُناهن کان بچندي الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي ته جيئن انهن جي چڱي صحبت جي برڪت سان گُناهن کان نفرت، نيڪين سان محبت ۽ ايمان جي حفاظت جو فڪر نصيب ٿئي۔ هن سلسلي ۾ اَلْحَمْدُلِلّٰه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابستگي به نهايت مفيد آهي، تنهنڪري اوهان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ به جيتري قدر ٿي سگھي حصّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”مدني قافله“ به آهي۔ ان جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جي رسالي ”مدني قافله“ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر ۽ خاص ڪري ذمه داران هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن۔

هي رسالو مڪتبةُ المدينه جي بستي تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙهي سگهجي ٿو. مدني قافلي ۾ سفر سان جتي دين و دنيا جون برڪتون ملڻ، ايمان جي حفاظت ڪرڻ، نيڪين ۾ زندگي گذارڻ ۽ باطني بيمارين کان بچڻ جو ذهن بڻجندو آهي اتي جسماني مريض به الله پاڪ جي رحمت سان شفاياب ٿيندا آهن۔ اچو! هن باري ۾ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا۔ جيئن

19 سال پراڻي مرض ۾ ڪمي ڪيئن آئي