Book Name:Iman ke Salamti

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي دُنيا مان ايمان سلامت کڻي وڃڻ وارو معاملو انتهائي تشويشناڪ آهي، ڪاش! اسان سڀني کي ايمان جي حفاظت جي جذبي تي استِقامت ملي وڃي۔ ڪاش! عافيت سان ايمان تي موت جي تڙپ کي دنيا ۾ آسان زندَگي گذارڻ جي ارمان تي سبقت حاصِل ٿي وڃي۔

حضرت سيدُنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان منقول هڪ بُزُرگ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ارشاد جو خُلاصو آهي: جيڪڏهن ايمان تي موت منهنجي پنهنجي خاص ڪمري جي دروازي تي ملي رهيو هجي ۽ شهادت عمارت جي مين گيٽ تي منتظر هجي ته شهادت توڙي جو اعليٰ دَرَجي جي سَعادت آهي پر مان ڪمري جي دروازي تي ملندڙ ايمان تي موت کي يڪدم قبول ڪندس ته ڪهڙي خبر عمارت جي مين گيٽ تائين پهچندي پهچندي منهنجي دل بدلجي وڃي ۽ مان ايمان تي ملندڙ موت جي شَرَف کان ئي محروم ٿي وڃان!! ( احیاء العلوم، کتاب الخوف والرجاء، بیان فضیلۃ الخوف الخ،۴/۲۱۱)

مریضِ مَحَبَّت کا دم ہے لبوں پر                                 سِرہانے اب آجاؤ شاہِ مدینہ

جنهن کي ايمان جي بربادي جو خوف نه هوندو

بهر حال اسان کي هر گھڙي الله پاڪ جي دربارِ ڪرم سان ايمان جي حفاظت جي خيرات گهرندو رهڻ گھرجي۔ تشويش ۽ سخت تشويش جي ڳالھ اها آهي ته جهڙي طرح دُنيوي دولت جي حفاظت جي مُعامَلي ۾ غفلت مالي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿي اهڙي طرح بلڪ ان کان به گھڻو سخت مُعامَلو ايمان جو آهي، ڇوته ايمان جي حفاظت کان بي فڪري ۽ ايمان کسجڻ کان بي خوفي سراسر نقصان ده آهي۔ عالم سڳورا فرمائن ٿا: جنهن کي ايمان جي کسجي وڃڻ جو خوف نه هجي مرڻ وقت اُن جو ايمان کسجي وڃڻ جو انديشو آهي۔( ملفوظات اعلی حضرت،ص۴۹۵)

معلوم ٿيو ته ايمان جي حفاظت کان غفلت سراسر نقصان ده آهي، تنهنڪري اسان کي هر گھڙي الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندي ان کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکڻ گھرجن۔ اچو الله پاڪ جي خُفيه تدبير جي باري ۾ هڪ رقّت انگيز واقعو ٻڌون ٿا:

هر وقت خاتمو بالخير جي دُعا جو سبب