Book Name:Iman ke Salamti

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جي ذريعي غوثِ پاڪ جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿيڻ يعني قادري سلسلي ۾ بيعت ٿيڻ جا مختلف طريقا آهن. جنهن کي جيئن آساني ٿئي اهو ان جي ذريعي بيعت ٿئي سگهي ٿو، مثال طور آمهون سامهون بيعت ٿئي سگهو ٿا. هفتہ وار مدني مذاڪري ۾ مدني چينل تي جڏهن اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ براهِ راست بيعت ڪرائي رهيا هجن، ان وقت بيعت ٿي سگهو ٿا، تعويذاتِ عطاريہ جي بستن تي اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو مريد ٿيڻ لاءِ پنهنجو نالو لکرائي سگهجي ٿو، الحمدلله دعوتِ اسلامي جي مجلس آءِ ٽي(I.T) جي ڪوششن سان موبائيل ايپليڪيشن به اچي چڪي آهي، جنهن جو نالو آهي ”آن لائن روحاني علاج ۽ استخاره“ (Online Rohani ilaj and istikhara)هن موبائل ايپليڪيشن جي ذريعي نه صرف اميراهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سان بيعت ٿئي سگهو ٿا بلڪ هن سان گڏوگڏ تعويذاتِ عطاريه به حاصل ڪري سگهو ٿا، استخاره ڪرائي سگهو ٿا ۽ مختلف بيمارين جي ڪاٽ به ڪرائي سگهو ٿا. هي موبائل ايپليڪيشن (Application) پلي اسٽور (Play Store) تان ڊائون لوڊ (Download) ڪري سگهجي ٿئي.

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ،  کتاب الایمان، باب الاعتصام  الخ ، ۱/ ۵۵،حدیث: ۱۷۵)

سینہ تری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا

جنَّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

لباس پائڻ جون سنتون ۽ آداب

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو  شيخِ طريقت، اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل ‘‘ مان لباس پائڻ جو سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا۔ پهريان ٻه فرمان مصطفي ٻڌون ٿا، فرمانِ مصطَفٰي صَلَّی اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي ته جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. ([1]) مُفسّر شهير، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه


 

 



[1] معجم اوسط، ۲/۵۹،حدیث: ۲۵۰۴